اسلام آباد – 02 – جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد ??سحاق ڊار چيو آهي ته حڪومت پ??ڪس??ان جي ائٽمي کان اقتصادي طاقت تائين جي سفر کي پڄاڻي تائين پهچائڻ ۽ دنيا ۾ ان کي اهم مقام ڏيارڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن حڪومت پاران ملڪ ۾ اقتصادي استحڪام آڻڻ ۽ پ??ڪس??ان جي سفارتي ڪوششن کي ٻطرفي ۽ گهڻ رخي مصروفيتن جي ذريعي وڌائڻ جو ذڪر ڪيو. هن چيو ته انهن ڪوششن جي نتيجي ۾ سال 2025ع ۽ 2026ع جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ غيرمستقل ميمبر طور پ??ڪس??ان جي ٻن سالن جي مدي جي شروعات ٿي آهي. نائب وزيراعظم مختلف ملڪن سان اعليٰ سطح جي مٽاسٽا ۽ عالمي تقريبن ۾ پ??ڪس??ان جي شرڪت ۽ ميزباني جو حوالو ڏيندي چيو ته حڪومت پنهنجي شروعاتي 10 مهينن دوران پ??ڪس??ان جي سفارتي رابطن کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان تاثر کي دفن ڪيو ته پ??ڪس??ان اڪيلو آهي. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد ??سحاق ڊار چيو ته مسلم ليگ (ن) جي قيادت هيٺ اتحادي حڪومت کي اٽڪل 25 سيڪڙو پاليسي ريٽ، جي ڊي پي جي سست واڌويجهه جي شرح ۽ آسمان کي ڇُهيندڙ مهانگائي جا وڏا چئلينجز ورثي ۾ مليا جڏهن ته حڪومت جي دانشمنداڻي اقتصادي پاليسين پاليسي ريٽ کي 13 سيڪڙو، ناڻي واڌ 5 سيڪڙو کان گهٽ ۽ مٽاسٽا جي ناڻي، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ڪري ڇڏيو. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته وزيراعظم محمد ??هباز شريف جي غيرملڪي دورن بشمول گڏيل عرب امارات، سعودي عرب، ڪويت ۽ آذربائيجان جي قيادت سان موثر رابطن کانپوءِ پ??ڪس??ان ۾ اٽڪل 29 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جا اشارا مليا آهن. هن نيوڪليئر انرجي سمٽ، سعودي عرب ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم، گيمبيا ۾ او آءِ سي سربراهي اجلاس، سعودي پرڏيهي وزير ۽ ايران جي صدر مرحوم ابراهيم رئيسي ۽ ان جي پرڏيهي وزير جي پ??ڪس??ان جي دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته ان دوران ڳالهه ٻولهه ۾ پ??ڪس??ان موثر طريقي سان ڪشمير مسئلي ۽ اسرائيل پاران فلسطنين جي جاري نسل ڪشيءَ جي مسئلي کي اٿاريو. هن چيو ته گيمبيا ۾ او آءِ سي جي سربراهي اجلاس ۾ پ??ڪس??ان جي مسلسل ڪوششن جي ڪري اسلامو فوبيا تي او آءِ سي جي ايلچي جي مقرري ٿي. هن چيو ته پ??ڪس??ان انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي جن فلسطين بابت گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ان مسئلي تي او آءِ سي جي فيصلي تي عملدرآمد ??ي ڀرپور وڪالت ڪئي، ان کانسواءِ بيگناهه ماڻهن جي خلاف اسرائيل جي ڏاڍ جي مذمت ڪئي. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد ??سحاق ڊار چيو ته فلسطيني ميڊيڪل شاگردن جي ميزباني کانسواءِ پ??ڪس??ان غزه، شام ۽ لبنان ۾ پڻ امدادي سامان روانو ڪيو. نائب وزيراعظم ڊي ايٽ سربراهي اجلاس ۾ پ??ڪس??ان جي شرڪت، وزيراعظم محمد ??هباز شريف جي چين جي دوري ۽ قازقستان، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت جو پڻ ذڪر ڪيو. هن برطانيا جي پرڏيهي سيڪريٽري ڊيوڊ ليمي سان پنهنجي ڪيترين ئي ملاقاتن بابت چيو ته برطانيا جي هڪ مانيٽرنگ ٽيم هلندڙ مهيني جنوري ۾ پ??ڪس??ان جو دورو ڪرڻ واري آهي جيڪو برطانيا جي لاءِ پي آءِ اي جي اڏامن جي بحالي کانپوءِ ٿي سگهي ٿو ڇو ته يورپي يونين اڳ ۾ ئي پي آءِ اي جي اڏامن تان پابندي هٽائي ڇڏي آهي. نائب وزيراعظم چيو ته گذريل حڪومت جي هڪ وزير جي غيرسنجيده بيان جي ڪري پي آءِ اي جي اڏامن تي پابندي هنئي وئي جنهن سان قومي فضائي ڪمپني کي 87 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي. هن چيو ته پ??ڪس??ان پاران شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي سربراهي اجلاس جي ميزباني کي تمام گهڻي پذيرائي ۽ ساراهيو ويو. سينيٽر محمد ??سحاق ڊار چيو ته ورلڊ مسلم ليگ جلد ئي اسلام آباد جي جناح ڪنوينش?? سينٽر ۾ ڇوڪرين جي تعليم جي حوالي سان هڪ تقريب منعقد ڪندي جنهن ۾ او آءِ سي جي 30 ميمبر ملڪن جا وزير ۽ 50 نمائندا شرڪت ڪندا. نائب وزيراعظم هن سال فيبروري ۾ ملائيشيا ۽ بنگلاديش جي دوري جو پڻ ذڪر ڪيو. هن چيو ته پ??ڪس??ان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر طور پنهنجي ٻن سالن جي مدي جي شروعات ڪئي آهي، پ??ڪس??اني سفارتي پهچ کي وڌائڻ ۽ تڪرارن جي حل سميت گڏيل قومن جي چارٽر کي برقرار رکڻ جي لاءِ ڪوششون ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پ??ڪس??ان 2018ع ۾ دهشتگردي جو خاتمو ڪيو هو پر گذريل حڪومت جي افغان سرحد کي کولڻ ۽ ڏوهارين کي آزاد ڪرڻ جي پاليسي جي ڪري دهشتگردي ٻيهر ڪَر کنيو آهي. هن چيو ته اسان افغانستان سان سٺا واپاري لاڳاپا چاهيون ٿا ڇو ته اهو ازبڪستان جهڙن ٻين پاڙيسري ملڪن سان رابطن جي راهه هموار ڪندو. هن ڀارت تي زور ڏنو ته هو لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد جي لاءِ ماحول پيدا ڪري.