اسلام آباد – 02 – ڊس??بر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي قيادت ۽ عوام کي انهن جي 53هين قومي ڏينهن تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسان کي يو اي اي جي ??رق?? ۽ خوشحالي جي شاندار سفر تي فخر آهي. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته يو اي اي جو ??رق?? ۽ خوشحالي جو اهو سفر شيخ زايد بن سلطان النهيان مرحوم جي ڏاهپ سان ئي ممڪن ٿيو، جدت جي ان وي??ن کي شيخ محمد بن زيد النهي??ن ۽ شيخ محمد بن راشد آل مڪتوم اڳتي وڌايو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سدائين يو اي اي جو ثابت قدم ڀاءُ ۽ حصيدار رهيو آهي، اسان پنهنجي تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ ??ضب??ط بڻائڻ ۽ انهن کي ڪارائتي اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪندا رهنداسين.