مشهد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايران جي شهر مشهد ۾ منعقد ٿيندڙ اي سي او وزيرن واري ڪ??ئونسل جي 28هين اجلاس جي موقعي تي قازقستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير مرات نورتيلو سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ??ن گڏيل دلچسپي جي ٻطرفي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ بهتر رابطن، واپار ۽ عو??م سان عوام جي رابطن جي ذريعي ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو.