اسلام آ??اد – 21 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ يورپي يونين جي گڏيل ڪميشن جو 14هون اجلاس اسلام آ??اد ۾ جاري آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته گڏيل ڪميشن جي اجلاس ۾ يورپي يونين جي وفد جي قيادت ايشيا اينڊ پيسفڪ جي ڊپٽي مئنيجنگ ڊائريڪٽر پاولا پامپالوني ??ري رهي آهي جڏهن ته پاڪستاني وفد جي قيادت اقتصادي معاملن واري ڊويزن جو سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم نياز ??ري رهيو آهي. هن چيو ته اها ڳالهه ٻولهه يورپي يونين سان پاڪستان جي وڌندڙ حصيداري جي عڪاسي ??ري ٿي. ترجمان چيو ته اهي ساليانيون ملاقاتون ڌريون کي ??امعنيٰ ڳالهه ٻولهه ۾ مشغول ٿيڻ ۽ ٻطرفي تعاون جي اهم شعبن تي گڏيل افهام تفهيم کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هڪ قابل قدر پليٽ فارم فراهم ڪن ٿيون.