اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) سا??ونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته گڏيل قومون ۽ ان جي ذيلي تنظيمن جو ??اڪ??تان ۾ اهم ڪردار آهي. گذريل ڏينهن وفاقي وزير سا?? گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر محمد يحيٰ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن (آءِ ايل او) جو نمائندو گيئرٽو نسٽول به موجود هو. قيصر احمد شيخ ٻنهي مهمانن جي سا??ونڊي معاملن واري وزارت آمد تي آجيان ڪئي. وفاقي وزير ٻُڌايو ته گڏيل قومن جي عالمي سا??ونڊي تنظيم ۽ سا??ونڊي معاملن واري وزارت گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن ته جيئن ??اڪ??تان جي ميري ٽائم سيڪٽر جي مسئلن ک?? حل ڪري سگهجي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ان حوالي سا?? سيپٽمبر ۾ اسان انٽرنيشنل ميري ٽائم ڪانفرنس منعقد ٿي جنهن ۾ عالمي بحري تنظيم جي سيڪريٽري جنرل شرڪت ڪئي ۽ اتي ميري ٽائم انڊسٽري جي بهتريءَ لاءِ اهم ڳالهه ٻولهه ٿي. وفاقي وزير چيو ته گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرامن تحت پا??يد??ر ترقي جي هدفن ک?? حاصل ڪرڻ لاءِ ??اڪ??تان جي ميري ٽائم انڊسٽري ماحول دوست ماڊل ۾ تبديل ٿي رهي آهي. هن چيو ته ان مقصد لاءِ اسان ايڪو ڪلچر ۽ـ هائبرڊ ويسلز ۽ روٽ آپٽيمائزيشن ۽ ڊجيٽلائزيشن تي توجهه ڏئي رهيا آهيون. هن ٻُڌايو ته وفاقي حڪومت ۽ سموريون صوبائي حڪومتون ايس ڊي جيز تي توجهه ڏئي رهيون آهن ڇاڪاڻ ته اسان ک?? سموگ ۽ ٻي قسم جي آلودگي کي مُنهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ـ اسان پنهنجي ايئر ڪوائلٽي انڊيڪس کي بهتر بنائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهيون. ??اڪ??تان ۾ پورهيتن جي حقن بابت ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته حڪومت ليبر ڪورٽس کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. وفاقي وزير تسليم ڪيو ته اُسرندڙ ملڪ طور اسان وٽ پورهيتن جي حقن جا مسئلا موجود آهن. هن چيو ته سموريون صوبائي حڪومتون انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن سا?? مڪمل سهڪار ڪري رهيون آهن. وفاقي 22ع جي ٻوڏ ۾ يو اين آر سي جي آفيس جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته ان دوران 33 ملين ماڻهو بيگهر ٿيا جنهن ۾ يو اين آر سي فنڊنگ ذريعي پڻ اسان جي مدد ڪئي ۽ رضاڪار به فراهم ڪيا.