دوحه – 01 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محم?? شهباز شريف قطر جو ٻن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري ??وحه کان وطن واپس روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب دوحه جي عالمي هوائي اڏي تي قطر جي ثالثي مملڪتي وزير محمد بن عبدالعزيز بن صالح الخليفي، پاڪستاني سفير ۽ سفارتي عملي جي ٻين عملدارن وزيراعظم کي رخصت ڪيو. پنهنجي ٻن ڏينهن جي قطر جي دوري ??وران وزيراعظم قطر جي امير ۽ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ان کانسواءِ هن قطر ميوزيم ۾ پاڪستاني آرٽ ۽ ڪلچر جي فروغ جي حوالي سان نمائش ”منظر“ جو افتتاح ڪيو. وزيراعظم سان قطر بزنس مين ايسوسيئيشن جي وفد ملاقات به ڪئي.