اسلام آباد – 28 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان ر??س جي فيڊرل ڪائونسل جي اسپيڪر ولنٽينا متوينڪو جي قيادت ۾ پارلياماني وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن گڏيل مفاد ۾ واپار، ڪاروبار، سيڙپڪاري، ??را??ت ۽ توانائي جي شعبن ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ايوان صدر جي پ??يس ونگ موجب ملاقات دوران صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ ر??س جي وچ ۾ لاڳاپا گڏيل احترام، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون وڌائڻ جي گڏيل عزم تي ٻڌل آهن. هن ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ لاڳاپن، اسڪالرشپ پروگرامن جي ذريعي ثقافتي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ اقتصادي تعاون وڌائڻ جا بي پناهه امڪان آهن. صدر زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ روس پاران سيڙپڪاري وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن اشڪ آباد جي دوري دوران صدر ولاديمير پيوٽن سان پنهنجي تازي خوشگوار ڳالهه ٻولهه جو پڻ ذڪر ڪيو. صدر برڪس جو ميمبر بڻجڻ جي لاءِ روس پاران پاڪستان جي حمايت جي پڻ درخواست ڪئي. برڪس جو ميمبر بڻجڻ سان پاڪستان کي علائقائي ۽ عالمي تعاون ۾ پنهنجو ڪردار وڌائڻ ۾ مدد ملندي. ڌرين بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو، نارٿ سائوٿ ٽرانسپورٽ ڪوريڊور جي ذريعي علائقائي رابطن، واپاري لاڳاپن، اقتصادي تعاون وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ر??س جي فيڊرل ڪائونسل جي اسپيڪر ولنٽينا متوينڪو چيو ته روس پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي ترجيح ڏي ٿو، اميد آهي ته ٻنهي ملڪن جي پ??رليامينٽ جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن سان ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. معزز مهمان ٻطرفي واپار ۾ اضافي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربرا??ن جي ڪامياب ميزباني، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ غيرمستقل سيٽ تي پ??ڪستان کي مبارڪباد ڏني. صدر گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل سيٽ جي لاءِ پاڪستان جي حمايت تي ر??س جا ٿورا مڃيا.