اسلام آباد-18 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي ملتان ٽيسٽ کٽڻ تي پاڪستاني ٽيم کي مبارڪون پيش ڪندي چيو آھي ته ڊگھ??مر??ئی_کی_خوش_قسمتی۔/116992.html">? عرصي بعد ھوم ٽيسٽ ميچ ۾ ڪاميابي جو ڪريڊٽ قومي ٽيم جي محنت جو نتيجو آھي. جمعي ڏينھن گھرو وزير محسن نقوي پنھنجي پيغام ۾ چيو ته ساجد خان ۽ نع??ان علي شاندار بالنگ ڪري تيسٽ ميچ جي ڪاميابي ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. ھن چيو ته ڪامران غلام پھرين ئي ميچ ۾ سينچري ٺاھي پنھنجي ڀرپور صلاحيتن جو مظاھرو ڪيو. ھن چيو ته محنت، جذبي ۽ پروفيشنل سوچ سان ٽيم راند کيڏي ۽ڪاميابي حاصل ڪئي. ٽيم ۾ نئين رانديگر پنھنجي سليڪشن کي درست ثابت ڪ??و ۽ اميد آھي ته انگلينڊ خلاف ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ به قومي ٽيم بھترين ڪارڪردگي جو مظاھرو ڪندي سيريز پنھنجي نالي ڪندي.