اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زوب ضلعي ۾ فرنٽيئر ڪور جي پوسٽ تي دهشتگرد حملي کي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن جي خلاف اسان جي جنگ جاري رهندي. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??ملي ۾ ٻن دهشتگردن کي جهنم واصل ??رڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيو. وزيراعظم ??هشتگرد حملي ۾ حولدار جمشيد خان جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ??هيد جي مغفرت ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ استقامت جي دعا ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اسان جي سيڪيورٽي فورسز جا جوان دهشتگردي جي خلاف شيهي جي ديوار وانگر بيٺل آهن، شهيدن جون قربانيون هرگز رائيگان وڃڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن جي خلاف اسان جي جنگ جاري رهندي.