اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبا?? چين جي وزيراعظم جي متوقع دوري کي نظر ۾ رکندي مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ لائحه عمل طئي ڪرڻ ۽ سي پيڪ تحت جاري منصوبن جي اڳڀرائي تي جائزي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ سمورن لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين، گوادر پورٽ اٿارٽي جڏ??ن ته چين ۾ رهندڙ پاڪستان جي سفير ??ڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي احسن اقبا?? چيو ته اسان کي سي پيڪ فيز 2 تحت وڌ کان وڌ سيڙپڪاري آڻڻ ۽ جاري منصوبن جي وقت سر پوري ٿيڻ کي يقيني بڻائڻو پوندو. وفاقي وز??ر لاڳاپيل عهديدارن کي هدايت ڪئي ته هو شنگهائي سمٽ ۾ چين جي وزيراعظم جي آمد کان اڳ روزاني جي بنياد تي سي پيڪ معاهدن ۽ منصوبن جي اڳڀرائي تي جائزي اجلاس ڪيا ويندا.