اسلام آباد-09 آڪٽوبر (ا?? پي پي) پاڪستاني جبل چاڙهو شهروز ڪاشف 22 سالن جي عمر ۾ 8 هزار ميٽر ڊگ??يون دنيا جو 14 چوٽيون سر ڪندڙ گهٽ عمر وارو پاڪستاني بڻجي ويو آهي. ننڍي عمر واري پاڪستاني جبل چاڙهو شهروز ڪاشف هڪ ٻيو يادگار ڪار??ام?? سرانجام ڏيندي دنيا جون 8 هزار ميٽر ڊگ??يون سموريون 14 چوٽيون سر ڪرڻ جو سفر مڪمل ڪر?? قومي جهنڊو هڪ دفعو ٻيهر بلند ڪيو آهي. هن 8 هزار 27 ميٽر بلند شيشا پنگما چوٽي سر ڪري ورتي. شهروز پور?? قوم کي مبارڪون ڏنيون آهن. شهروز ڪاشف سرباز خان کانپوءِ ٻيو پاڪستاني آهي جنهن سموريون 14 بلند ترين چوٽيون سر ڪيون آهن. سرباز گذريل هفتي شيشا پنگما سر ڪري اهو ڪار??ام?? سرانجام ڏيندڙ پهريون پاڪستاني مانيٽنئر بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو هو.