لاهور-21 سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79 هين اجلاس جي موقعي تي عالمي مسئلن، امن کي هٿي وٺرائڻ، تر??ي ۽ موسمياتي تبديلي جي حوالي سان معاملن ??ي اجاگر ڪيو ويندو، دنيا آڏو پاڪستان جو نقط?? نظر پيش ڪندس ۽ مختلف معاملن تي پاڪستان جي موقف ۽ مفادن جي ترجماني ڪندس. وز??راعظم محمد شهباز شريف روانگي جي موقعي تي ايڪس تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79 هين اجلاس ۾ پاڪستان جي نمانئدگي لاءِ نيويارڪ روانو ٿي رهيو آهيان، نيويارڪ ۾ انتهائي مصروف وقت گذرندو. وز??راعظم چيو ته اجلاس جي موقعي تي عالمي اڳواڻن سان پنهنجي ملاقاتن ۾ عالمي مسئلن، امن کي هٿي وٺرائڻ، تر??ي ۽ موسمياتي تبديلي جي حوالي سان معاملن ??ي اجاگر ڪيو ويندو. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي پليٽ فارم تان دنيا آڏو پاڪستان جو نقط?? نظر پيش ڪندس ۽ مختلف معاملن تي پاڪستان جي موقف ۽ مفادن جي ترجماني ڪندس. وز??راعظم وڌيڪ چيو ته عالمي حصيداري کي مضبوط ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان جي ڪوششن کان به دنيا کي آگاهه ڪيو ويندو.