اسلام آباد -04 سيپٽمبر (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي سينئر اڳواڻ ۽ وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناالله پارلياماني وفد سان گڏ پارليامينٽ لاجز ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر م??نگ?? سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ ڊاڪٽر طارق فض?? چوڌري، سينيٽر عثمان باديني، اعجاز جکراڻي ۽ خالد مگسي شامل هئا. ملاقات کان پوءِ راڻا ثناالله ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ت?? سردار اختر م??نگ?? اسان جو ڀاءُ ۽ سينئر سياستدان آهي، بلوچستان ۾ سندس پارٽي جي وڏي اهميت آهي. هن چيو ت?? سردار اختر م??نگ?? جو فيصلو سرپرائيز هو، اڄ اسان ان سان ويهي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ آيا آهيون، سندس جيڪا به ناراضگي آهي ان کي خت?? ڪرڻ جي ڪوشش ??نداسين.