اسلام آباد – 29 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي ??رد??ري فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن سول سروس ۾ ڀرتي جو عمل وڌيڪ بهتر بڻ??ئڻ ۽ سرڪاري نوڪرين ۾ عورتن ۽ اقليتن جي نمائندگي وڌ??ئڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته موثر ۽ شفاف ڀرتي جي عمل سان اهل ۽ باصلاحيت سرڪاري ملازمن جي چونڊ ۾ مدد ملندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي سينيئر ميمبر اڪبر حسين دراني جي قيادت ۾ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته ڪميشن تي سرڪاري ملازمن جي ڀرتي جي اهم ذميواري لاڳو آهي، ڪميشن ملازمت جي لاءِ صحيح شخص جي چونڊ جي لاءِ جديد طريقيڪار تي غور ڪري. صدر عورتن ۽ اقليتن جي معاشري جي مرڪزي ڌارا ۾ شموليت وڌ??ئڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته سرڪاري نوڪرين ۾ عورتن ۽ اقليتن جي نمائندگي ??ڌا??ڻي پوندي. آصف علي ??رد??ري چيو ته جديد ٽيڪنالاجي ۽ نئين طري??ن خاص طور تي ڪمپيوٽرائيزڊ ٽيسٽنگ سان ڀرتي جو عمل وڌيڪ موثر ۽ شفاف بڻ??ئڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته لکت واري امتحان ۾ سٺا نمبر حاصل ڪندڙ اميدوارن کي منصفاڻي طور تي جانچيو وڃي. اڪبر حسين دراني صدر کي سرڪاري ملازمن جي ڀرتي ۾ ڪميشن جي ڪردار بابت آگاهه ڪيو ۽ ڪميشن کي درپيش ڪجهه مسئلن تي پڻ روشني وڌي. صدر وفد کي مسئلن جي حل ۽ ڀرتي جو نظام بهتر بڻ??ئڻ ۾ پنهنجي تعاون ۽ رهنمائي جو يقين ڏياريو.