اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان فلسطيني سياسي ڌڙن پاران بيجنگ ۾ ”اتحاد جي پڌرنامي“ جي آجيان ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار پرڏيهي آفيس جي ت??جمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ڪيو. هن بامقصد ڳالهين جي لاءِ فلسطيني سياسي ڌڙن کي گڏ ڪرڻ ۾ چين جي ڪردار کي ت??ليم ڪ??دي ان کي ساراهيو. ترجمان چيو ته فلسطيني عوام خاص طور تي غزه ۾ جاري جنگي ڏوهن ۽ اسرائيلي قابض فوج ??اران عالمي قانونن جي واضح خلاف ور??ي جي ڏس ۾ فلسطيني عوام جي وچ ۾ اتحاد انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته اها غزه ۾ جاري غيرقانوني ۽ مسلسل جارحيت جي خاتمي جي لاءِ فوري مداخلت ڪري. ترجمان چيو ته اسان فلسطيني عوام جي خودمختياري جي ت??ليم ٿيل حق حاصل ڪرڻ، انهن جي فلسطين ۾ واپسي جي حق ۽ القدس الشريف کي ان جي گادي واري شهر طور هڪ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي حمايت جو پڻ ورجاءُ ڪريون ٿا.