ڪوئٽا -22 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي، ته عالمي مارڪيٽ کي اسڪلڊ ورڪرز جي ضرورت آهي، صحيح رخ تي هلياسين ته پاڪستان جي 10 کان 15 لک ٻارن کي عالمي مارڪيٽ جو حصو بڻائي سگهجي ٿو، قدرتي آفتن ۾ دنيا اسان جي مدد ناهي ڪئي، م??جو??ه حڪومت فيصلو ڪيو آهي، ته قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن تي ٻڌل نيشنل والنٽيئر ڪور ۽ ن??جو??نن جي مسئلن جي نشاندهي لاءِ قومي يوٿ ڪائونسل قائم ڪري ن??جو??نن کي فيصلي سازي ۾ حصيدار بڻايو وڃي. ن??جو??نن کي هنرمند بڻائڻ لاءِ انٽرنشپ پروگرام شروع ڪيو پيو وڃي. بلوچستان ۾ اڻوڻندڙ حالتن با??جو?? ن??جو??نن تعليم سميت هر شعبي ۾ پنهنجو مقام بڻايو جيڪو ٻين لاءِ رول ماڊل آهي، وفاقي حڪومت صرف موقعا فر??هم ڪري سگهي ٿي، جڏهن ته بهتر مستقبل بڻائڻ ن??جو??نن جي پنهنجي هٿ ۾ آهي، دهشتگردي سميت دشمنن جي سمورين سازشن جو مقابلو ڪرڻ لاءِن??جو??ن اسان جي هر اول جٿي جو ڪردار ادا ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار ??ن بلوچستان يونيورسٽي آف انفارميشن ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ اينڊ مينجمينٽ سائنسز ۾ بلوچستان جي ن??جو??نن لاءِ پهچ جوڳي سماجي ڪاروبار جي عنوان سان پي پي اي ايف، اين آءِ سي بيوٽمز ۽ ٻين ادارن جي سهڪار سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي يونيورسٽي جو پرو وائيس چانسلر ۽ ٻيا پڻ م??جو?? هئا. راڻا مشهود چيو ته ن??جو??نن جو حوصلو ڏسي خوشي ٿي، هي اهو پاڪستان آهي جنهن لاءِ اسان جي بزرگن جدوجهد ڪئي هئي، پاڪستان ٺهڻ ۾ بلوچستان جو ووٽ تمام اهم هو ۽ آهي. راڻا مشهود چيو ته وفاقي حڪومت طرفان وزيراعظم يوٿ پروگرام سان بنا وياج جي قرض ڏنا پيا وڃن ۽ پاڪستان ۾ 2 لک ٻار ان پروگرام مان فائدو کڻي چڪا آهن، جن ٻين لاءِ رستو کولي ڇڏيو آهي. هن چيو ته دنيا گلوبل وليج بڻجي چڪي آهي جتي اين آءِ سي جهڙا ادارا ن??جو??نن کي رستو ڏيکاري رهيا آهن. وزيراعظم شهباز شريف جڏهن پنجاب جو وڏو وزير هو ته ان وقت به هن پهرين ترجيح ن??جو??نن کي ڏني. هن چيو ته بلوچستان ٻارن کي نيشنل انوويشن ايوارڊ ۾ رجسٽ??ڊ ڪرايو وڃي. هن چيو ته پاڪستان خلاف سازشن کي ناڪام بڻائڻ جي ذميواري فيوچر ليڊرز آف پاڪستان جي آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ قومي يوٿ ڪائونسل بڻائي رهيا آهيون جنهن ۾ 100 ٻارن ۽ ٻارڙين جي چونڊ ٿيندي، پاڪستان ۾ هن وقت آءِ ٽي انڊسٽري جو ڪاٿو اڍائي ارب رپيا آهي جنهن کي 25 ارب رپين تائين وڌائڻو آهي ته جيئن دنيا ۾ آءِ ٽي جي وڌندڙ گهرج کي نظر م رکندي پاڪستاني ن??جو??نن کي عالمي مارڪيٽ جو حصو بڻائي سگهجي. هن جو چوڻ هو پاڪستان ۾ شديد ٻوڏ آئي جڏهن ته موسمياتي تبديلي ۾ اسان جي ملڪ جو حصو تمام گهٽ آهي، اڄ اتحاد ۽ اتفاق جي ضرورت آهي ۽ ان يڪجهتي جي جذبي سان دهشتگردي کي شڪست ڏيڻي آهي. ان موقعي تي قومي ورثي واري ڊويزن جي صلاحڪار ڪاشف ارشاد، پي پي اي ايف جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر نادر گل بڙيچ پڻ خطاب ڪيو.