اسلام آباد – 02 – ??ولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي و??ثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پا??ستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪئناڊا پا??ستان جو مرڪزي ترقياتي حصيدار آهي، معاشي لاڳاپن ۾ اضافو ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي. اها ڳالهه هن ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر ليسلي اسڪينلون سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ پا??ستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن، پا??ستان حڪومت جي معاشي قدمن سميت مختلف اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر اطلاعات واري وفاقي وزير کي اطلاعات واري وزارت س??ن گڏ ثقافت ۽ قومي و??ثي جو اضافي قلمدان سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پا??ستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ پائيدار ۽ گهڻ رخا لاڳاپا آهن، ڪئناڊا پا??ستان جو مرڪزي ترقياتي حصيدار آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته معاشي لاڳاپن ۾ اضافو ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي. ان موقعي تي ڪينيڊين هاءِ ڪمشنر پا??ستان حڪومت جي معاشي قدمن کي ساراهيو.