اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته بشڪيڪ مان اٽڪل 4 هزار شا??رد?? جي واپسي کانپوءِ پرڏيهي وزارت هڪ فيڪٽ فائنڊنگ ڪمپني جوڙي آهي ته جيئن ان واقعي جا سبب جانچڻ سان گڏوگڏ اتان جي صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان جي مشن جي ڪردار جو جائزو وٺي سگهجي. جڏهن ته ايڊيشنل سي??ريٽري (ايڊمن) محمد سليم جي سربراهي ۾ هڪ انڪوائري ڪميٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اها ڪميٽي حقيتون ڄاڻڻ جي لاءِ پاڪستاني ??شن ۽ ڪرغزستان حڪومت سميت لاڳاپيل ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي. هو بشڪيڪ مان واپسي تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. اسحاق ڊار جيڪو شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آستانه جو دورو ڪري رهيو هو، اتان پنهنجي ڪرغز هم منصب سان گڏ بشڪيڪ ويو. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي ٻن هفتن جي اندر پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي. هن ٻڌايو ته وفاقي وزيرن کي ڪرغز عملدارن جي تجويز تي بشڪيڪ جو دورو ملتوي ڪرڻو پيو. جيتوڻيڪ آستانه ۾ پنهنجي ڪرغز هم منصب سان ڳالهه ٻولهه دوران هن تشدد کان متاثر پاڪستاني شهرين سان ملاقات جي خواهش جو اظهار ڪيو، جنهن کانپوءِ هو اتي ويو. بشڪيڪ جي دوري دوران نائب وزيراعظم پاڪستاني ??ورهيت شاهزيب سان اسپتال ۾ ملاقات ڪئي جنهن کي ان واقعي ۾ ڄاڙي جو فريڪچر ٿيو هو. بعد ۾ بشڪيڪ جي صحت واري کاتي جي عملدارن جي اجازت کانپوءِ هو پنهنجي خواهش تي نائب وزيراعظم جي خصوصي جهاز ۾ واپس پاڪستان آيو. نائب وزيراعظم کي ڪرغزستان عملدارن ٻڌايو ته تشدد جي انهن واقعن جو هدف رڳو پاڪستاني شهري نه هئا. جيتوڻيڪ ان معاملي کي ڪرغزستان جي صدر جي ذريعي اهو اعلان ڪرڻ کانپوءِ حل ڪيو ويو ته اڳتي اهڙي ڪنهن به تشدد جي خلاف زيرو ٽالرنس جي پاليسي هوندي. سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته ڪرغزستان حڪومت انهن کي خاطري ڪرائي ته ڏوهارين کي سزا ڏني ??يندي. جڏهن ته ڪجهه کي اڳ ۾ ئي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪرغزستان حڪومت غيرملڪي شا??رد?? کي پنهنجو معزز مهمان سمجهي ٿي جيڪي قومي معيشت ۾ پنهنجو حصو وجهن ٿا. نائب وزيراعظم چيو ته سندس درخواست تي ڪرغزستان عملدارن اٽڪل 1100 انهن پاڪستاني ??رڪرز کي ريگيولرائيز ڪرڻ تي راضي ٿيا جن کي قيام جو مدو پورو ڪرڻ تي ملڪ بدر ڪرڻ جو ارادو هو. هن چيو ته انهن ڪرغز حڪومت کي ايجنڊا جي ذريعي نه پر حڪومت سان حڪومت جي طريقيڪار تحت پاڪستان جي هنرمند افرادي قوت درآمد ڪرڻ جي آڇ به ڪئي آهي. جنهن تي هو متفق ٿي ويا آهن. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته بشڪيڪ ايئرپورٽ تي انهن سان ڳالهه ٻولهه دوران پاڪستاني شا??رد?? جي نمائندن صورتحال دوران پاڪستاني ??شن جي ڪردار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. شا??رد?? ۾ پيدا ٿيندڙ ڳڻتي جي حوالي سان سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته هن ڪرغزستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي مشورو ڏنو آهي ته هو انهن سان ڳالهه ٻولهه جي لاءِ پنهنجا نمائندا موڪلين. هڪ سوال جي جواب ۾ نائب وزيراعظم چيو ته ڪرغزستان ۾ ميڊيڪل جي تعليم حاصل ڪندڙ پاڪستاني شا??رد?? تي اڳ ۾ ئي پي ايم ڊ?? سي ۽ ايڇ ا?? سي پاران سوال اٿاريا ويا آهن. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف منهنجي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي آهي جيڪا ان ڳالهه جو جائزو وٺندي ته ميڊيڪل جي تعليم جي خواهشمند نوجوانن جي پاڪستان جي اعليٰ طبي تعليم جي معيار تي ٺاهه ڪرڻ کانسواءِ مقامي طور تي ڪيئن گنجائش پيدا ڪري سگهجي ٿي.