اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) پاڪستان اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت جي افسوسناڪ خبر تي اسلامي جمهوريه پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران تعزيت جو اظهار ڪيو ??هي. پرڏيهي افيس پاران جاري تعزيتي بيان ۾ چيو ويو ??هي ته اسان گهري ڏک جي هن گ??ڙي??َ ۾ اسلامي جمهوريه ايران جي عو??م سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. پرڏيهي آفيس پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ??ه اسان جون دعائون شهيدن جي گهرڀاتين ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي عو??م سان گڏ آهن ۽ سوڳ جي هن گ??ڙي??َ ۾ اسان پنهنجي ايراني ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. بيان موجب صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان قابل احترام اڳواڻ هئا، انهن جي پاڪستان ايران لا??اپ?? ۽ علائقائي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو، انهن اسان جي ٻطرفن لا??اپ?? کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ اپريل ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس جاري بيان ۾ چيو ??ه اسلامي جمهوريه پاڪستان ايران سان دوستي ۽ تعاون کي اڳتي وڌا??ڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو.