اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) ??طل??عات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ??يو آهي ته حڪومت جو پورو ڌيان معاشي استحڪام تي آهي، ملڪ جا معاشي انگ اکر مثبت ٿي رهيا آهن، عالمي اخبارُون ۽ رسالا به پاڪستاني معيشت ۾ بهتري جي اڳڪٿي ڪري رهيا آهن، وزيراعظم محمد شهباز شريف عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان جي دوري تي آيل بنگلاديشي صحايفن جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ اظهار راءِ جي آزادي، حڪومت جي معاشي قدمن سميت مختلف اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ??طل??عات واري وفاقي وزير بنگلاديشي صحافين کي حڪومت جي معاشي قدمن کان آگاهه ڪندي چي?? ته وزيراعطم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت جو پورو ڌيان معاشي استحڪام تي آهي، موجوده حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ معاشي انگ اکر مثبت ٿي رهيا آهن، عالمي رسالا به پاڪستاني معيشت ۾ بهتري جي اڳڪٿي ڪري رهيا آهن. هن چي?? ته پاڪستان حڪومت ۾ انفراسٽرڪچر جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ پڻ قدم کڻي رهي آهي، اهي منصوبا نه رڳو معيشت کي فروغ ڏيندا پر روزگار جا موقعا پڻ پيدا ٿيندا. هن چي?? ته غيرملڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۽ سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل قائم ڪئي جنهن جا نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن. هن چي?? ته پاڪستان ۾ ٽيڪس نظام کي بهتر ڪيو پيو وڃي، ان ڏس ۾ ايف بي آر ۾ ٽيڪس سڌارا آندا پيا وڃن. پاڪستان ۾ اظهار راءِ جي آزادي جو ذڪر ڪندي ??طل??عات واري وفاقي وزير چي?? ته پاڪستان حڪومت صحافت جي آزادي ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي اهميت کي تسليم ڪري ٿي، اسان صحافين جي حقن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهيون. ??طل??عات واري وفاقي وزير سوشل ميڊيا جي غلط استعمال ۽ جعلي خبرن جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ عالمي سطح تي قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. وفاقي وزير چي?? ته بنگلاديشي صحافين جا ٿورائتا آهي??ن ته اهي پاڪستان آيا ۽ حڪومت جي معاشي قدمن با??ت ڄاڻڻ ۾ دلچسپي ورتي. بنگلاديشي صحافين جي وفد پاڪستان ۾ ميزباني ۽ تعاون جي فراهمي تي پاڪستان حڪومت، ??طل??عات واري وزارت ۽ صحافتي ادارن جا ٿورا مڃيا. وفد جي ميمبرن چي?? ته پاڪستان جو دورو ڪري تمام سٺو لڳو، اهڙي طرح جي دورن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن ۽ عوامي سطح تي رابطن کي فروغ ملندو. بنگلاديشي صحافين جي وفد ۾ اقتدار احمد، مڪرم حسين، رياض احمد، شيخ ساجد، محمد عبدالودود، جبون احمد سارڪار، قمر الزمان ۽ معين الحق شامل هئا. ملاقات ۾ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ عنبرين جان ۽ ??طل??عات واري وزارت جا ٻيا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا.