ڪراچي – 24 – ??پر??ل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڀري ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي س??ڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري، س??ڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ وفاقي وزير پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. وزيراعظم مزار تي گلن چادر چاڙهي ۽ مهمانن جي ڪتاب ۾ تاثر لکيا. وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم جو ڪراچي جو هي پهريون دورو آهي. ان موقعي تي وزيراعظم مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ نوجوانن سان مزار قائد تي پاڪستان جي خدمت ڪرڻ ۽ ملڪ ج?? ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو حلف ورتو. نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين وچن ڪيو ت?? پاڪستان کي صحيح معنيٰ ۾ قائد جو پاڪستان ٺاهينداسين. وزيراعظم چيو ت?? پاڪستان قائم ٿيڻ ۾ نوجوانن جو اهم ڪردار رهيو. نوجوانن تحريڪ پاڪستان ۾ هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪيو. ان کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهتو ته س??ڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ۽ س??ڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سندس استقبال ڪيو.