اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ??نه??جي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره ب??وچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته دنيا 8 مارچ تي عورتن جو عالمي ڏينهن ملهائي رهي آهي، اسان ڪشمير جي انهن باهمت عورتن کي ياد ڪرڻ چاهينداسين جن ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن کي ڄمي منهن ڏنو آهي. ترجمان چيو ته انهن وڏي پئماني تي ڏک برداشت ڪيا ۽ رڪاوٽن کي منهن ڏنو جيڪي بنيادي ضرورتن تائين انهن جي پهچ ۽ باوقار زندگي گذارڻ جي انهن جي صلاحيت ۾ رڪاوٽ آهن. هن چيو ته ڀارتي فورسز جي جعلي مقابلن سان بيواهه ۽ يتيم ٿي??دڙ ڪشميري عورتون ??نه??جي خاندانن جو واحد روزگار جو ذريعو بڻجڻ تي مجبور آهن. هن چيو ته خاندانن جي سربراهي ڪندڙ عورتن کي معاشري ۾ اضافي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ۽ باعزت نوڪرين جي ڳولا ۾ رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ترجمان چيو ته حريت اڳواڻن بشمول آسيه اندرابي، ناهيده نسرين ۽ فهميده صوفي سميت عورت ڪارڪن ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ڀارت جي مختلف جيلن ۾ نظربند آهن. هن چيو ته ڪشميري عورتون ??نه??جي زندگي ??نه??جي مرضي موجب گذارڻ جون مستحق ??هن ۽ اهي ??نه??جي حقن ۽ آزادي بشمول پرامن ميڙاڪن ۽ ا??ها?? راءِ جي آزادي جو حق ??کن ٿي??ن.