اسلام آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس ڪالهه سومر ڏينهن ڪانسٽي ٽيوشن ايونيو ۾ ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي هڪ واڪ منعقد ڪئي جنهن جو مقصد ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ?? ڪشمير جي ماڻهن س??ن يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ هو. پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي جي قيادت ۾ پرڏيهي آفيس جي عملدارن ڪشميرين س??ن يڪجهتي جي اظهار لاءِ واڪ ۾ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. واڪ جي شرڪت ڪندڙن چيو ته پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو ۽ پاڪستان انهن جي خودمختياري ??و حق حاصل ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪري ٿو ??يئن گڏيل قومن جي چارٽر ۾ لکيل آهي ۽ جنهن جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل (يو اين ايس سي) ۽ اسلامي تعاون تنظيم جي لاڳاپيل قراردادن ۾ ضم??نت پڻ ڏني وئي آهي. ٻئي طرف پرڏيهي آفيس جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو ته ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي اچو اسان امن ۽ انصاف جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون، اسان سڀ گڏجي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي انهن جي حقن ۽ پراڻي تڪرار جي پرامن حل جي وڪالت ڪريون ٿا.