مظفر آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ??شم??ري ڀينرن ڀائرن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي مدد جاري رکندو. ??شم??ر يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي نگران وزيراعظم آزاد ??شم??ر جي گادي واري شهر مظفرآباد جو دورو ڪيو. ان موقعي تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ آزاد ڄمون ۽ ??شم??ر جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق ۽ آزاد ڄمون ۽ ??شم??ر قانونساز اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري پاڪستاني قوم خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ پنهنجي ??شم??ري ڀينرن ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، ??شم??ر مسئلي جو حتمي ۽ منصفاڻو حل رڳو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب آزاد ۽ غيرجان??دا??اڻي ريفرنڊم تحت ممڪن آهي. هن چيو ته غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ ڀارتي ظلم ڪنهن کان لڪل نه آهن، معصوم ??شم??رين تي ٿيندڙ ڀارتي ظلمن تي عالمي برادري جي خاموشي ڳڻتي جوڳي ۽ مذمت جوڳي آهي. نگران وزيراعظم پاڪستان جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين پنهنجي ??شم??ري ڀينرن ڀائرن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي مدد جاري رکندو. ان موقعي تي آزاد ??شم??ر جي وزيراعظم ۽ اسپيڪر نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي ??شم??ر يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي مظفرآباد جي دوري کي خوش آئنده قرار ڏنو. هنن چيو ته ڀارت کي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي ??شم??ر يڪجهتي ڏهاڙي تي مظفرآباد اچڻ سان واضح پيغام پهچي ويو آهي ته پاڪستاني ۽ ??شم??ري ڀينرن ڀائرن جون دليون گڏ ڌڙڪن ٿيون.