واشنگٽن- 30 جنوري (اي پي پي)آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ سياحت کي هٿي ڏيڻ پاڪستان ۽ آمري??ا وچ ۾ عوامي رابطن کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، نيويارڪ ۾ منعقد ٽريول اينڊ ايڊوينچر شو 2024ع دوران پاڪستان ۾ قدرتي حسن، ثقافت ۽ تاريخ رکندڙ پاڪستان پويلين ۾ عالمي برادري کي متاثر ڪيو آهي، ان سان نه رڳو صرف سياحت جي صنعت پر ملڪ جو بهترين اميج اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت بل??ستان جي منصوبابندي ۽ ترقي واري وزير راجا ناصر علي خان سان واشگنٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ ملاقات دوران ڪيو. پاڪستاني سفير گلگت بل??ستان جي رٿابندي واري وزير کي ڪامياب شو منعقد ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون جيڪو ملڪي سياحت جي صلاحيت کي وڌيڪ اجاگر ڪندو. گلگت بل??ستان جي رٿابندي واري وزير ملڪي سياحتي صلاحيت کي عالمي پليٽ فارم تي ڪاميابي سان اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان نيويارڪ ۾ پاڪستاني قونصليٽ ۽ واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني طرفان ڀرپور تعاون تي ٿورو مڃيو. هن پاڪستان جي سياحت ۾ آمريڪي شهرين جي دلچسپي تي ڳالهائيندي چيو ته گلگت بل??ستان ايندڙ پرڏيهي سياحن ۾ آمريڪي شهري ٻئي نمبر تي آهن، پاڪستاني سفير گلگت بل??ستان ۾ تعليم جي شعبي لاءِ عالمي تعاون خاص طور تي ڊائينامڪ آرٿر جي ڪردار ۽ خدمتن کي اجاگر ڪيو جنهن گلگت بل??ستان جي وادي هنزه جي ڳوٺ مرتضيٰ آباد ۾ سينٽر فار ايجوڪيشن ايڪسيلينس جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڪستاني سفير تعليم جي شعبي ۾ آمريڪي ح??ومت، سول سوسائٽي، سرندي وارن ماڻهن ۽ پاڪستاني ڄاون آمريڪي شهرين جي حمايت کي ساراهيندي چيو ته تعليم جي شعبي ۾ تعاون پاڪستان ۽ آمري??ا وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جو اهم حصو آهي. هن چيو ته پاڪستاني ح??ومت نوجوانن کي آمريڪا ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جا وڌيڪ موقعا فراهم ??رڻ?? کين پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ ۽ انهن کي معاشري جو هڪ قيمتي اثاثو بڻائڻ جي حوالي سان آمريڪي تعاون کي ساراهي ٿي.