اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان ۽ روانڊا جي وچ ۾ دوستاڻي ۽ خوشگوار لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي آفريقي کنڊ سان پنهنجا لاڳاپا خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، آءِ ٽي، زراعت ۽ عوام جي سطح تي مٽاسٽا ۾ اضافي جي خواهش ظاهر ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان جمهوريه روانڊا جي سينيٽ جي صدر ڊاڪٽر ڪالندا فرانڪوئس زيويئر جي قيادت ۾ هڪ وفد ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم پاڪستان ۽ روانڊا جي وچ ۾ دوستاڻي ۽ خوشگوار لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان جي آفريقي کنڊ سان پنهنجي لاڳاپن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، آءِ ٽي، زراعت ۽ عوام جي سطح تي مٽاسٽا جي خواهش کان آگاهه ڪيو. ان سلس??ي ۾ هن روانڊا کي اسلام آباد ۾ پنهنجو سفارتي مشن قائم ڪرڻ جي دعوت ڏني. پاڪستان 2021ع ۾ ڪيگا??ي ۾ پنهنجو مشن کوليو. پارلياماني مٽاسٽا جي اهميت تي زور ڏيندي نگران وزيراعظم جمهوريه روانڊا جي سينيٽ جي صدر جي پهرين دوري جي آجيان ڪئي ۽ ان کي ساراهيو. نگران وزيراعظم روانڊا جي تازن سالن ۾ حاصل ڪيل شاندار ??قتصادي ترقي کي پڻ س??راهيو. جمهوريه روانڊا جي سينيٽ جي صدر پنهنجي وفد جي شاندار ??ستقبال ت?? ٿورا مڃيا. اسلام آباد ۾ قيام دوران هن پارليامينٽ ميمبرن، سرڪاري آفيسرن ۽ نجي شعبي سان ڪارائتيون ملاقاتون ڪيون. روانڊا سينيٽ جو وفد سينيٽ آف پاڪستان جي چيئرمين جي دعوت تي پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آهي.