اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۾ فلسطين جي ??فارتخاني جو دورو ڪيو ۽ اسرائيل جي هٿان انڌاڌنڌ قتلام جو نشانو بڻجندڙ فلسطينين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها اسرائيل جي ??ربريت ۽ ان ج?? غيرمتناسب ردعمل ۾ هزارين بيگناهه ماڻهن جي ??هادت جي مذمت ڪري. صدر فوري جنگبندي ۽ خوراڪ، بجلي ۽ پاڻي کان محروم ماڻهن تائين امداد موڪلڻ جي لاءِ هڪ انساني لنگهه کولڻ جو مطالبو ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اسلام آباد ۾ فلسطين جي ??فير احمد جواد ربيع سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران فلسطيني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان سدائين فلسطين سان گڏ بيٺل رهندو ۽ رڳو اهو ئي قبول ڪندو جيڪو فلسطينين جي لاءِ قابل قبول هجي. ان موقعي تي صدر چيو ته گڏيل قومن کي فلسطين ۾ ٿيندڙ ظلمن تي بحث ڪرڻ گهرجي، گڏيل قومن جي ??لامتي ڪائونسل اسرائيلي ظلمن کي روڪڻ جي لاءِ قرارداد پاس ڪري. هن چيو ته اهڙي طرح جي وحشياڻي قدمن سان نفرت جا وڌيڪ امڪان پيدا ٿين ٿا جنهن سان وڌيڪ جنگيون شروع ٿين ٿيون، او آءِ سي کي فلسطين جي ??مايت ۾ ڀرپور آواز اٿارڻ گهرجي. صدر چيو ته پاڪستاني عوام پاران اسان غزه ۾ ٿيندڙ بربريت، اسرائيل ج?? غيرمتناسب ردعمل ۽ گذريل 30 – 40 سالن کان نسلي فرق جي مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته اسان مذمت ڪريون ٿا ته ماڻهن کي بيدرديءَ سان ماريو پيو وڃي، غزه جي ??سپتال تي بمباري ڪئي وئي جنهن ۾ 500 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿيا، اهو سڀ ڪجهه وڌيڪ تلخي پيدا ڪري ٿو. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته جنگ اصل ۾ امن جي ڪنهن به امڪان کي مڪمل طور تي تباهه ڪري ڇڏي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته فلسطيني عوام کي پرامن ٻه رياستي حل حاصل ڪرڻ جي ڪوششن کان روڪڻ جي لاءِ رڪاوٽون پيدا ڪيون پيون وڃن، اهڙيون رڪاوٽون ڪڏهن به قائم ناهن رهنديون، عوام انهن کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيستائين ٻه رياستي حل کي روڪيو ويندو، ماڻهو ردعمل ظاهر ڪندا رهندا. فلسطيني سفير هن مشڪل وقت ۾ فلسطين جي ??فارتخاني جو دورو ڪرڻ تي صدر جا ٿورا مڃيا. هن غزه ۾ اسرائيل جي قدمن کي فلسطيني عوام جي نسل ڪشي قرار ڏنو. ان کان اڳ صدر فلسطيني سفارتخاني ۾ تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر پڻ قلمبند ڪيا ۽ فلسطيني عوام ۽ وحشياڻي اسرائيلي حملن ۾ پنهنجون جانيون وڃائيندڙ شهيدن جي گهرڀاتين سان دل?? تعزيت جو اظهار ڪيو.