اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيني صدر شي جن پنگ جي دعوت تي اسلام آباد کان بيجنگ روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم پنهنجي چين جي دوري دوران 17 ۽ 18 آڪٽوبر تي منعقد ٿيندڙ عالمي تعاون بابت ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾شرڪت ڪندو. بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي نگران وزيراعظم چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) تحت گذريل 10 س??لن ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪاميابي سان گڏوگڏ مستقبل جي هدفن ۽ ان جي اهم منصوبي تي پاڪستان جي ڀرپور تعاون جو ورجاءُ ڪندو. نگران وزيراعظم بي آر ايف جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت کانسو??ءِ 18 آڪٽوبر تي ”اوپن عالمي معيشت ۾ رابطا) جي موضوع تي منعقد اعليٰ سطحي فورم کي خطاب ڪندو. نگران وزيراعظم چين ۾ چيني صدر شي جن پنگ سان ٻطرفي ملاقات سان گڏوگڏ اعليٰ چيني قيادت ۽ فورم ۾ شريڪ ٻين ملڪن جي سربراهن سان پڻ ملاقات ڪندو. نگران وزيراعظم پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ ل??ءِ چين ۾ ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن سان پڻ ملاقات ڪندو. سنڪيانگ ۽ پاڪستان جي عوام جي وچ ۾ لاڳاپن ۽ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي ل??ءِ نگران وزيراعظم ا??رم??ي جو دورو ڪندو جتي نگران وزيراعظم اتان جي مقامي اڳواڻن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان ملاقات ڪندو.