اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سمنڊ پار پاڪستانين جي ل??ءِ ڪيترن ئي پئڪيجز جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪستانين پنهنجي قابليت ۽ صلاحيتن کي مڃرائي پاڪستان جو سڄي دنيا ۾ نالو روشن ڪيو آهي، اهي ملڪ کان پري رهي قومي خدمت سرانجام ڏئي رهيا آهن، حڪومت انهن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سمنڊ پار پاڪستانين جي ل??ءِ ڪيترن ئي پئڪيجز جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سمنڊ پار پاڪستانين وارو وفاقي وزير ساجد حسين طوري ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني اتر آمريڪا، يورپ، وچ اوڀر، نار، اوڀر ايشيا سميت دنيا جي مختلف خطن ۽ ملڪن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، سمنڊ پار پاڪستانين پنهنجي قابليت ۽ صلاحيتن کي مڃرائي پاڪستان جو سڄي دنيا ۾ نالو روشن ڪيو آهي، ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ۽ سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته ان سان انهن جي حوصلا افزائي ٿيندي ۽ پاڪستان کي به ان س??ن تمام گهڻو فائدو ٿ??ندو. وزيراعظم چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين واري وزارت سمنڊ پار پاڪستانين جي ل??ءِ ڪيترائي اهم قدم کنيا آهن، سمنڊ پار پاڪستاني ٻاهرئين ملڪ پاڪستان جا سفير آهن، پاڪستاني پورهيتن کي هنر سيکاريا وڃن ۽ سرٽيفڪيٽس ڏياريا وڃن ته انهن جي آمدني ۾ اضافو ٿ??ندو ۽ ان سان پاڪستان جو پرڏيهي ناڻو وڌندو، وقت اچي ويو آهي ته سعودي عرب، يو اي اي، يورپ ۽ ٻين ملڪن ۾ هنرمند افرادي قوت جي کپت جي موقعن مان فائدو کنيو وڃي ۽ پنهنجي قابل ۽ باصلاحيت نوجوانن کي موقعا فراهم ڪيا وڃن. وزيراعظم آذربائيجان جو مثال ڏنو جنهن پنهنجي نوجوانن کي بهترين تربيت ڏني ۽ چيو ته جيڪڏهن اهڙو ماڊل اسان پاڪستان ۾ به متعارف ڪرايون ته پرديس ۾ وڌيڪ پاڪستانين کي موقعا ملندا ۽ پاڪستان جي ل??ءِ اهي اربين ڊالر ڪمائي مو??لي??دا. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته اڳتي ايندڙ حڪومتون ان سلسلي ۾ وڌيڪ قدم کڻنديون. وزيراعظم چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين واري وزارت 16 مهينن دوران بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. وزيراعظم سمنڊ پار پاڪستانين جي ل??ءِ ڪيترن ئي پئڪيجز جو اعلان پڻ ڪيو. انهن پئڪيجز ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي مسئلن ۽ شڪايتن جي ازالي ل??ءِ خصوصي عدالتون قائم ڪرڻ، اوورسيز پاڪستانيز ڪميشن قائم ڪرن، ملڪ جي اعليٰ انتظاميا جي آفيسن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي ل??ءِ هاٽ لائينز قائم ڪرڻ، سرڪاري رهائشي منصوبن ۾ انهن جي 10 سيڪڙو ڪوٽا، سمنڊ پار پاڪستانين جي ٻارن جي ملڪ ۽ ٻاهرئين ملڪ اعليٰ تعليم جي ل??ءِ وظيفا ۽ ٻيا منصوبا شامل آهن. وزيراعظم چيو ته نادرا ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي سهولت ل??ءِ خصوصي قدم کنيا ويندا ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز ۾ خصوصي ڪائونٽرز جو انگ وڌايو ويندو، يونين ڪائونسلز مان انهن کي سرٽيفڪيٽس جي فوري جاري ڪرڻ جي ل??ءِ قدم کنيا ويندا، پرڏيهي وزارت دستاويزن جي آن لائين تصديق جي ل??ءِ پڻ خصوصي قدم کڻندي، آن لائين بائيو ميٽرڪ جو نظام جوڙيو ويندو، جن جو پاسپورٽ بليڪ لسٽ ٿي ويو، مدو پورو ٿ??ڻ کانپوءِ خودڪار نظام تحت بليڪ لسٽ مان نڪري ويندو، سمنڊ پار پاڪستانين جي ل??ءِ سمورن انٽرنيشنل ايئرپورٽس تي خصوصي ڪائونٽرز قائم ڪيا ويندا، سڀ کان وڌيڪ پرڏيهي ناڻو مو??لي??دڙ سمنڊ پار پاڪستانين کي ايوارڊ ڏنا ويندا، انهن جي ٻارن جي ل??ءِ ميڊيڪل ڪاليجز ۽ اعليٰ تعليم جي ل??ءِ 5 سيڪڙو ڪوٽا مخصوص هوندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني پورهيت ٻاهرئين ملڪ تمام گهڻي محنت سان ڪم ڪن ٿا ۽ انهن جي د?? ۾ ??اڪستان جو تمام گهڻو درد هوندو آهي، اهي هر وقت پاڪستان جي ل??ءِ سوچين ٿا، اهي پنهنجي ملڪ کان پري رهي قومي خدمت سرانجام ڏئي رهيا آهن.