اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري تيزي سان تبديل ٿي??دڙ دنيا ۾ نوان سفارتي انداز اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته پرڏيهي وزارت ۾ تازو ئي متعارف ڪرايل انتظامي سڌارن سان ڪارڪردگي ۽ احتساب ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. پرڏيهي وزارت ۾ گذريل هڪ سال دوران ڪيل انتظامي سڌارن جي قدم بابت هڪ تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته وزارت ۾ مجموعي طور تي 51 سڌاراجاتي ڪم شروع ڪيا ويا جن مان 19 مڪمل طور تي ۽ 3 جزوي طور تي لاڳو ڪيا ويا آهن. آٽوميشن ۽ ڊيجيٽائيزيشن جي عمل، سفارتي، انتظاميا، ماليات ۽ ٻاهرئين ملڪ قونصلر خدمتن ۾ بهتري وغيره جي شعبن ۾ 29 قدم پڄاڻي جي مرحلن ۾ آهن. پرڏيهي وزير عالمي سطح تي وزارت جي اهم ڪامياب??ن جو ذڪر ڪيو جن ۾ پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان ڪڍڻ، سي او پي 27 جي ڪامياب ميزباني، او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل ۾ موثر ڪردار ۽ ٻين کانسواءِ لاڳاپن ۽ سفارتي لاڳاپن کي وڌائڻ جون ڪوششون شامل آهن. پرڏيهي وزير چيو ته دنيا تيزي سان تبديل ٿي ??هي آهي ۽ فني ترقي سان گڏ طاقت جي شڪل پڻ تبديل ٿي ??هي آهي جڏهن ته سفارتي محاذن تي گڏيل رابطن جا نوان اصول بڻجي چڪا آهن. انهن تبديل??ن جي ڏس ۾ سڌارن جو عمل شروع ڪيو ته جيئن راهه ۾ اي??دڙ ڪنهن به چئلينج کي منهن ??ئي سگهجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان هاڻي تيز رفتار ۽ متحرڪ دنيا ۾ ??هي رهيا آهيون، اهڙي ۾ ترقي کي يقيني بڻائڻ ۽ گڏيل چئلينجن کان اڳتي رهڻ جي لاءِ گڏيل ڳانڍاپي جي موقف جي ضرورت آهي. هن ??يو ته قومي ۽ عالمي حقيقتن ۽ ٻاهرئين ملڪ ره??دڙ پاڪستان??ن جي ضرورت کي نظر ۾ رکڻ گهرجي ۽ پنهنجي سفارتي معاملن کي موثر انداز ۾ هلائڻ جي لاءِ هڪ مثالي تبديلي کي اجاگر ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته تبديلي جي انتظامي سڌارن سمنڊ پار پاڪستان??ن جي ڀلائي تي پڻ ڌيان ڏنو ويو آهي. پرڏيهي وزير ٻڌايو ته وزارت جي لاءِ هڪ سڌاراجاتي منصوبي جي مقصد جي لاءِ انهن سمورن لاڳاپيل ڌرين کان معلومات طلب ڪئي جن کان زبردست راءِ ۽ تنقيدي بصيرت حاصل ٿي. هن ??يو ته مستقبل جي علم تي ٻڌل معيشت، عالمي حرڪيات جي اهميت کي قبول ڪرڻ گهرجي ۽ جمود کي چئلينج ڪرڻ جي لاءِ تيار هجڻ گهرجي.