اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بجلي جي چوري روڪڻ کي حڪومتي ترجيح قرار ڏيندي بجلي جي ??رڇ ڪندڙ ڪمپنين کي صوبن ڏانهن م??تق?? ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي قائ?? ڪري ڇڏي، اها ڪميٽي صوبائي حڪومتن سان گڏجي ٽرمز آف ريفرنس ۽ مقرر مدي جو تعين ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ بجلي جي ??رڇ ڪندڙ ڪمپنين کي صوبن جي دائري اختيار ۾ م??تق?? ڪرڻ تي اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ بجلي جي ??رڇ ڪندڙ ڪمپنين جي بجلي چوري، عدم وصولين ۽ لائين لاسز جي نتيجي ۾ خساري بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي وفاق ۽ صوبن ۾ بلن جي وصولي لاءِ موجود انتظامي ڍانچي جو موازنو پڻ پيش ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بجلي جي ??رڇ ڪندڙ ڪمپنين جو نظام صوبن جي حوالي ڪرڻ آئيني قدم آهي. ان قدم سان بلن جي وصولي ۽ بجلي چوري جي روڪٿام ۾ خاطرخواهه بهتري ايندي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته بجلي جي ??رڇ ڪندڙ ڪمپنين جي نظام جي م??تق??ي جي لاءِ سڀ کان اڳ سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت سان رابطو ڪيو هو. وزيراعظم ڪميٽي کي جلد حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ بجلي چوري ڪندڙ عنصرن جو موثر خاتمو ڪنداسين. هن چيو ته وفاق صوبن جي سگهه وڌائڻ جي لاءِ فني مدد فراهم ڪندو، صوبن وٽ بجلي جي بلن جي وصولين جي لاءِ بهتر انتظامي ڍانچو موجود آهي، وصولين جي لاءِ بهتر انتظامي ڍانچو بجلي جا گردشي قرض خت?? ڪرڻ ۾ اه?? ڪردار ادا ڪندو. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، انجنيئر خرم دستگير، عابد حسين ڀيو، مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، خاص معاون جهازيب خان، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، خيبرپختونخواهه جي نگران وڏي وزير، اعظم خان، پنجاب ۽ بلوچستان جي چيف سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.