اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف چيو آهي ته هو پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران پنهنجي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن ک?? يڪجهتي ۽ ڀائيچاري جو پيغا?? ڏيڻ جي لاءِ ترڪيه وڃي رهيو آهي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي عوام جيتوڻيڪ به جدا رياستن جا شه??ي آهن پر هڪ قوم وانگر هڪ جان ٻه دل آهن ۽ اسان انهن جي نقصان کي پنهنجو نقصان سمجهون ٿا. وزيراعظم چيو ته ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي سان ٿيندڙ تباهي سان ڪا به حڪومت اڪيلي سر منهن نٿي ڏئي سگهي. ڪو به ملڪ ڀلي اهو ڪيترو ئي وسيلن سان مالامال هجي ايتري وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي جو مقابلو اڪيلي نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته دنيا انسانيت ج?? مشڪلاتن ۽ تڪليفن جي حل لاءِ تعاون وڌائي.