GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

زندگي جي سمورن شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو ڏينهن رات محنت ڪري پاڪستان کي عظيم بڻائيندا، قومي استحڪام ۽ ملڪ جي لاءِ هر شيءَ جي قرباني ڏينداسين، انشاءَ الله هي ملڪ ضرور قائداعظم جو پاڪستان بڻجندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

image

اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آزادي ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ ۽ ملڪ کي قائداعظم جو پاڪستان بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته زندگي جي سمورن شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو ڏينهن رات محنت ڪري پاڪستان کي عظيم بڻائيندا، قومي استحڪام ۽ ملڪ جي لاءِ هر شيءَ جي قرباني ڏينداسين، انشاءَ الله هي ملڪ ضرور قائداعظم جو پاڪستان بڻجندو، صنعت، زراعت، واپار ۽ ٻين شعبن کي فعال ۽ موثر بڻائڻ جي لاءِ پيداواري خرچن ۾ گهٽتائي لازمي آهي، بجلي ۽ توانائي جي شعبي ۾ قدمن ۽ ڪوششن جي نتيجي ۾ قوم کي فائدو ٿيندو، ارشد نديم جي شاندار ڪاميابي سان جشن آزادي جون خوشيون ٻيڻيون ٿي ويون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته سڀاڻي آزادي جو ڏهاڙو سڄي قوم جوش ۽ جذبي سان ملهائيندي ۽ اسان سڀ ان ڳالهه جو وچن ڪنداسين ته پاڪستان جي تعمير ۽ خدمت جي لاءِ زندگي جي سمورن شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو ڏينهن رات محنت ڪري ۽ ماضي ۾ ضايع ٿيندڙ وقت مان سبق حاصل ڪندي هن ملڪ جي تعمير ڪري ان کي عظيم بڻائيندا، اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن اسان ڏينهن رات محنت ڪريون ۽ ايثار ۽ قرباني کي پنهنجو شعار بڻايون. انشاءَ الله هي ملڪ ضرور قائداعظم جو پاڪستان بڻجندو. وزيراعظم چيو ته هن سال آزادي جي ڏهاڙي جي حوالي سان قوم جي هيرو ارشد نديم جي ڪري آزادي جي جشن جون خوشيون ٻيڻيون ٿي ويون آهن. ارشد نديم الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم ۽ پنهنجي محنت سان 40 سالن کانپوءِ پاڪستان کي اولمپڪس مقابلن ۾ گولڊ ميڊل کٽي ڏنو. وزيراعظم چيو ته ارشد نديم قوم جي لاءِ هڪ سٺو مثال آهي. ارشد نديم ماضي ۾ مقابلن ۾ حصو ورتو پر هن همت نه هاري ۽ هو مايوس نه ٿيو. ڏينهن رات جي محنت، والدين جي دعائن ۽ ڪوچ جي ٽريننگ جي ڪري ارشد نديم سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو اونچو ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي ڪابينا ارشد نديم کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي. ارشد نديم کي ميڊل ڏيڻ جي لاءِ اسان صدر کي خط لکي ڇڏيو آهي. وزيراعظم چيو ته هن ارشد نديم کي وزيراعظم هائوس پڻ گهرايو آهي. ان جو مقصد قوم کي ٻڌائڻو آهي ته قومي هيروز جي عزت ۽ توقير اسان سڀني جو فرض آهي. ارشد نديم قومي يڪجهتي، اتحاد ۽ اتفاق جو مثال آهي. ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ۾ معيشت جي بهتري لاءِ کنيل قدمن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته بجلي جي شعبي ۾ ڪافي محنت ۽ ڪوشش ٿي آهي. ان ۾ پاور واري وزير، نائب وزيراعظم، ناڻي واري وزارت، واپار واري وزارت ۽ منصوبابندي واري وزارت سميت ٻين وزارتن جون ڪوششون شامل آهن. انشاءَ الله جيڪا محنت ٿي آهي ان سان قوم کي فائدو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته اسان کي هڪ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته صنعت، زراعت، واپار ۽ ٻين شعبن کي فعال ۽ موثر بڻائڻو آهي ته پيداواري خرچن ۾ گهٽتائي آڻڻي پوندي. پيداواري خرچن ۾ گهٽتائي کانسواءِ روانگي واپار کي وڌائڻ ۽ ان کي مقابلي وارو بڻائڻ ممڪن نه آهي. ان ۾ بجلي جي قيمت جو اهم ڪردار آهي. وزيراعظم چيو ته ايف بي آر اسان جي ترجيحن جو اهم حصو آهي، ايف بي آر جي نئين سر جوڙجڪ ۽ اوڳاڙين ۾ بهتري کانسواءِ نه مالي گنجائش ملندي نه ئي قوم اڳتي ترقي ڪري سگهي ٿي. بجلي ۽ توانائي ۽ ايف بي آر اسان جي لاءِ اهم ترجيحي شعبا آهن ۽ انشاءَ الله بطور ٽيم ورڪ ڪم ڪندي اسان کي ڪاميابي ملندي. وزيراعظم ڪابينا جي ميمبرن کي معمول جي دير کي ختم ڪرڻ ۽ فائيل ورڪ کي فعال بڻائڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته اسان گذريل 6 مهينن ۾ پوري ڪوشش ڪئي آهي ته طرز حڪمراني کي جنهن حد تائين به ممڪن ٿئي بهتر ڪري سگهون. گورننس کي ڊيجيٽائيز ڪرڻ جي لاءِ پوري ڪوشش ٿيڻ گهرجي. اسان وزيراعظم آفيس ۾ ڪيترن ئي مهينن کان ان تي ڪم ڪيو آهي ۽ ڪجهه بهتري آئي آهي پر اسان کي ان کي وڌيڪ فعال بڻائڻو آهي. هر وزارت کي پيپر ليس ڪرڻ گهرجي. وزيرن وٽ پورا اختيار آهن ۽ سگهه به موجود آهي. اسان ايف بي آر سميت ڪيترن ئي ادارن جي لاءِ صلاحڪار مقرر ڪري ڇڏيا آهن. ڀرپور محنت ڪري اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي ڇو ته وقت ڪنهن جو به انتظار نه ٿو ڪري. الله تعاليٰ اسان کي جيڪو وقت ڏنو آهي، اسان کي ان جو ڀرپور استعمال ڪرڻ گهرجي، تڏهن ئي اسان ڪاميابيون ماڻي سگهون ٿا. وزيراعظم چيو ته ماضي جي 77 سال جي بيماري مان جان ڇڏرائڻ ضروري آهي. قوم به ان جي اميد ڪري رهي آهي. معمول جو طريقيڪار هاڻي بلڪل نه ٿو هلي سگهي. اسان کي اختراعي قدمن، پروگرام ۽ فيصلاسازي ڪرڻي پوندي. رڳو ان ئي صورت ۾ قوم جي اندر اميد پيدا ٿي سگهي ٿي، اسان کي ان جو وقت سر ادراڪ ڪرڻو پوندو. ايف بي آر جي آفيسرن جي حوالي سان وزيراعظم ٻڌايو ته هو انهن مان گهڻن کي نه ٿو سڃاڻي، اسان ان تي تيزي سان ڪم ڪيو ۽ رپورٽس گهرايون، پاڻ به راتين جو دير تائين ويٺس، اخبار ۾ پڙهيو ته انهن سنڌ هاءِ ڪورٽ مان اسٽي ورتو آهي، جنهن تي مون قانون واري وزير ۽ اٽارني جنرل کان پڇيو ته اهو معاملو ڇا آهي؟ ڇو ته اسان ته انهن کي او ايس ڊي به ناهي بڻايو، الحمدالله اهو اسٽي خارج ٿيو، هي هڪ فعال طرز عمل آهي. ڪو ماڻهو عقل ڪل ناهي هوندو، سدائين ٽيم ورڪ اهم هوندو آهي. ان ڳالهه تي آئون دل سان يقين رکان ٿو. جيڪڏهن توهان ٽيم جا ميمبر آهيو ته مون کان وڌيڪ ڪردار اوهان جو آهي. وزيراعظم چيو ته بهتر ڪارڪردگي جو فائدو سڄي قوم کي ٿئي ٿو، منهنجي دردمنداڻي گذارش آهي ته سڀ گڏجي ڪم ڪنداسين ته مشڪلاتون ختم ٿينديون. هن چيو ته اسان سڀني جو عزم آهي ته استحڪام ۽ ملڪ جي لاءِ هر شيءَ جي قرباني ڏينداسين. مستحڪم پاڪستان جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.

مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores
متعلقہ مضامین
مزید خبریں