GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

اظهار راءِ جي آزادي تي ڀاشن ڏيندڙن چار سال پارليامينٽ ۾ ميڊيا ڪارنر بند رکيو: مريم اورنگزيب

image

اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اظهار راءِ جي آزادي تي ڀاشن ڏيندڙن چار سال پارليامينٽ ۾ ميڊيا ڪارنر بند رکيو، صحافين جا هلندڙ پروگرام بند ڪيا، گذريل چار سال اظهار راءِ جي آزادي جو گلو دٻايو ويو، پي ٽي آءِ چيئرمين کان جڏهن معاشي بدحالي، مهانگائي، آءِ ايم ايف معاهدي جي خلاف ورزي جو پڇو ته چوي ٿو ته مون وٽ معاشي ٽيم سٺي نه هئي، توشه خانه ۽ 190 ملين جي چوري جو پڇو ته ملبو پنهنجي ايم ايس ۽ پنهنجي ڪابينا تي وجهي ڇڏي ٿو، هي شخص بالٽي، دٻو، فراسي وجهي عدالت پيش ٿئي ٿو، ان وٽ چوري جو ڪو جواب نه آهي، اسان گذريل چار سال سينسرشپ ڀوڳي آهي، اسان بالٽي، دٻو ۽ فراسي منهن تي وجهي نه ويٺاسين پر ڪنڌ کڻي بهادري سان ان جو مقابلو ڪيو، پيمرا (ترميمي) بل 2023ع سنجيده قانونسازي آهي، منهنجي درخواست تي اهو بل سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويو، ان تي تعميري راءِ اچڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گذريل چار سال هڪ نالائق، نااهل، چور ۽ فاشسٽ ٽولو پارليامينٽ ۽ حڪومت تي قابض هو جنهن چار سالن تائين پارليامينٽ ۾ ميڊيا ڪارنر بند رکيو ۽ اڄ صحافت جي آزادي ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي ڀاشن ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته قومي اسيمبلي مان منظوري کانپوءِ پيمرا (ترميمي) بل 2023ع اڄ سينيٽ ۾ پيش ڪيو، ان بل جي تياري تي 12 مهينا ڊگهي مشاورت ٿي، ميڊيا جي سمورين نمائنده تنظيمن بشمول پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن ان بل تي پنهنجي راءِ ڏني ۽ منهنجي رهنمائي ڪئي جنهن آئون انهن سڀني جي ٿورائتي آهيان. هن چيو ته هي هڪ اهڙو بل آهي جيڪو پاڪستان ۾ اظهار راءِ جي آزادي کي سگهه ڏي ٿو. وفاقي وزير چيو ته اڄ سينيٽ ۾ جڏهن بل پيش ٿيو ته ٻئي طرف ويٺل سينيٽرن ان بل تي ڳالهه ڪرڻ چاهي، مون ان بل بابت سينيٽ کي آگاهه ڪيو ته بل ۾ ڪهڙيون ترميمون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته 2002ع جي مشرف دور ۾ پيمرا آرڊيننس تحت ڪا انفارميشن ميڊيا تي نه ٿي هلائي سگهجي جيستائين ان ۾ موقف موجود نه هجي. هن چيو ته هن بل ۾ مس انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن ۾ فرق بيان ڪيو ويو آهي ۽ ان ۾ غلطي جي گنجائش کي رکيو ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته پيمرا چيئرمين کان اختيار وٺي اٿارٽي ۽ پوءِ ڪائونسل آف ڪمپلينٽ کي ڏنو ويو آهي. ڪائونسل آف ڪمپلينٽ ۾ به ميديا کي نمائندگي ڏني وئي آهي. هن چيو ته هي بل اٽڪل 20 ڏينهن تائين پبلڪ ڊومين ۾ رهيو، ان تي مشآورت به پبلڪ ٿيندي رهي آهي. هن چيو ته پيمرا ترميمي بل جي سمورين ميڊيا تنظيمن، قومي اسيمبلي، قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني ۽ منهنجي خواهش آهي ته هن بل تي سينيٽرز جي به راءِ اچي، هي هڪ سنجيده قانونسازي آهي، ان کي تڪراري نه ٿا بڻائڻ چاهيون، مون سينيٽ چيئرمين کي درخواست ڪئي آهي ته هي بل سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪليو وڃي ته سينيٽ چيئرمين منهنجي درخواست منظور ڪندي هي بل سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي. هن چيو ته هن بل تي سينيٽرز جي راءِ وٺڻ جي لاءِ فل هائوس هو، اتي راءِ اچي سگهي پئي پر اسان ان تي هڪ پراسيس کي مڪمل ڪرڻ چاهيون ٿا ته جيئن ڪنهن به قسم جو ڪو اعتراض نه اچي ان لاءِ هن بل کي اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي. وفاقي وزير چيو ته هي اهو دور نه آهي جڏهن صحافين جا هلندڙ پروگرام بند ڪيا وڃن، جڏهن ملڪ جي وزيراعظم کي ميڊيا پريڊيٽر جو خطاب ملي، صحافين جي پيٽ ۾ گوليون لڳن، انهن جون پاسراٽيون ۽ نڪ جون هڏيون ٽوڙيون وڃن. هن چيو ته هن بل جي پراسيس کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته مسلم ليگ (ن) جي پوري قيادت سينسرشپ ڀوڳي آهي، گذريل چار سال اظهار راءِ جي آزادي جو گلو دٻايو ويو، اسان بالٽي، دٻو ۽ فراسي منهن تي وجهي نه ويٺاسين پر اسان ڪنڌ کڻي بهادري سان ان جو مقابلو ڪيو. هن چيو ته پيمرا (ترميمي) بل تي سمورن سينيٽرن جي راءِ اهميت رکندڙ آهي، بل تي تعميري راءِ هجڻ گهرجي ته جيئن قانونسازي کي بهتر بڻائي سگهجي پر مخالفت براءِ مخالفت نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته دنيا ”ڪو ريگيوليشنز“ ۽ ”سيلف ريگيوليشنز“ طرف وڌي رهي آهي، ان ڏس ۾ پوري دنيا جي قانونن ۽ طريقن کي ڏسندي پيمرا قانون ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين مفرور آهي، هو ڪڏهن ڪڏهن ظاهر ٿئي ٿو، هي بل تمام اهم آهي، ان ۾ دير نه ٿي ڪري سگهجي، سينيٽ چيئرمين وٽ اختيار آهي ته هو ڪميٽي جي ميمبرن مان ڪنهن کي به قانونسازي جي لاءِ وقتي چيئرمين بڻائي سگهي ٿو. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته پي آر اي هن بل جي تياري ۾ منهنجي ڀرپور رهنمائي ڪئي، ان ترميمي بل تحت ڪائونسل آف ڪمپلينٽ ۾ ڪنهن ميڊيا تنظيم جي نالي سان نمائندگي جو لفظ نه آهي پر ميڊيا ورڪنگ جرنلسٽس جي نمائندگي جو لفظ داخل آهي. هن چيو ته اٿارٽي جي ڪائونسل آف ڪمپلينٽ جنهن بابت به معاملو هوندو، ان کي گهرائي سگهي ٿي. هڪ سوال تي وفاقي وزير چيو ته ان جي نيت ۽ مقصد صاف آهي، سينسرشپ اسان ڀوڳي آهي پر موجوده اپوزيشن ناهي ڀوڳي. هن چيو ته اسان جي نيت صاف آهي، انشاءَ الله هي بل سينيٽ مان به منظور ٿيندو. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کان جڏهن پڇيو وڃي ته معيشت ڇو بحال نه ٿي، ڇو بدحالي جو شڪار ٿي، مهانگائي ڇو ٿي، آءِ ايم ايف وٽ ڇو ويا، ڇو انهن جي سخت شرطن تي صحيحون ڪيون، پوءِ ان جي خلاف ورزي ڇو ڪئي ۽ پروگرام معطل ڇو ڪرايو ته جواب ڏي ٿو ته موٽ سٺي معاشي ٽيم نه هئي، جڏهن کانئس 190 ملين جي چوري جو پڇو ته چوي ٿو ته مون کي ڪهڙي خبر، منهنجي ڪابينا کان پڇو. جڏهن توشه خانه جي گهڙيءَ تي جواب گهرو ته چوي ٿو ته منهنجي ايم ايس کي خبر هوندي، اهو خريد ۽ وڪرو ڪندو هو ۽ پوءِ دٻو، فراسي ۽ بالٽي منهن تي وجهي عدالت ۾ پيش ٿئي ٿو. هن چيو ته هي اهو شخص آهي جيڪو پاڪستان جي عوام سان اکيون نه ٿو ملائي سگهي.

مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل
متعلقہ مضامین
مزید خبریں