GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

وزيراعظم پاران سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي واقعي جي مذمت، سوئيڊن حڪومت ڏوهارين جي خلاف فوري طور تي ڪارروائي ۽ مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ قدم کڻڻ جو مطالبو

image

اسلام آباد – 03 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي واقعي جي مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته سوئيڊن حڪومت ڏوهارين جي خلاف فوري طور تي ڪارروائي ۽ مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ قدم کڻي، ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ حڪومت، سياستدانن ۽ ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، اشرافيه وڏي صنعتڪارن سميت اسان سڀني کي ايثار ۽ قرباني ڏيڻي پوندي، جيڪڏهن ان راهه کي اختيار ڪري وٺنداسين ته ترقي ۽ خوشحالي اسان جا قدم چُمندي، آءِ ايم ايف معاهدي اسان کي ساهه کڻڻ جو موقعو مليو آهي، دعا آهي ته هي اسان جو آءِ ايم ايف جو آخري پروگرام هجي، اسان کي مستقبل جي لاءِ پائيدار فيصلا ڪرڻا پوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر عيد جي مبارڪباد ڏيندي چيو ته الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان ملڪ ترقي ڪندو، توهان جي محنت رنگ آڻيندي، گذريل 15 مهينن کان ڪيترن ئي چئلينجز کي منهن ڏنو ۽ ملڪ کي درپيش انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوششون جاري رکنداسين. هن چيو ته الله تعاليٰج ي فضل ۽ ڪرم سان ڪجهه ڏينهن اڳ آءِ ايم ايف سنا پاڪستان جو معاهدو بي پناهه ڪوششن جي ڪري منطقي انجام تائين پهتو، ان ڪاميابي تي ڪابينا جي سمورن ميمبرن خاص طور تي ناڻي واري وزير، ان جي ٽيم ۽ لاڳاپيل وزارتن کي مبارڪباد ڏيان ٿو ته انهن جي ڏينهن رات محنت سان آءِ ايم ايف سان 9 مهينن جو اسٽينڊ بائي معاهدو ٿيو آهي، ان معاهدي سان پاڪستان کي 3 ارب ڊالر ملندا، پهرين قسط جولاءِ ۾ 1.1 ارب ڊالر ملندي. هن چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ان معاملي تي ڀرپور سفارتي ڪوششون ڪيون جيڪي ساراهه جوڳيون آهن، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاران پيغام مليو آهي ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان کي وڌيڪ معاونت فراهم ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ معاهدي تي آءِ ايم ايف جي ايم ڊي ۽ ان جي ٽيم جا آئون پنهنجي ڪابينا پاران دل سان ٿورا مڃان ٿو، ناڻي واري وزير ٻڌايو آهي ته هاڻي ان حوالي سان رڳو دستاويزي قدم کڻڻا آهن. هن چيو ته چين گذريل ڪجهه مهينن ۾ مشڪل صورتحال ۾ ڀرپور مدد ڪئي، چين قرضن جي رول اوور ۽ ڪمرشل بئنڪن کان قرضن جي فوري واپسي جي ذريعي اٽڪل 5 ارب ڊالر پاڪستان کي ڏنا، تازو ڪمرشل قرض اسان وقت کان اڳ ادا ڪيا، انهن فوري واپس قرض ڏئي ڇڏيا. هن چيو ته اسان چين جي مدد کي ڪڏهن به وساري نه ٿا سگهون، ماضي ۾ به چين پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪئي. هن چيو ته سعودي عرب 2 ارب ڊالر جو يقين ڏياريو، سعودي عرب اسان جو دوست آهي ان سدائين بري ۽ سٺي وقتن ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو، منهنجي گڏيل عرب امارات جي دوري دوران گڏيل عرب امارات جي صدر سان وفد جي سطح تي ملاقات دوران هن هڪ ارب ڊالر ڏين جو يقين ڏياريو آهي. هن چيو ته پيرس جي دوري دوران اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر سان ملاقات دوران هن هڪ ارب ڊالر ڏيڻ جو واعدو ڪيو، سعودي عرب کان 2 ارب ڊالر ۽ گڏيل عرب امارات کان هڪ ارب ڊالر جي خاطري ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير جو اهم ڪردار آهي، اها ڪاميابي ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي. هن چيو ته حڪومت، سياسدانن ۽ ادارن کي ايندڙ 15 کان 20 سال پنهنجي پنهنجي دائري ۾ رهندي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان ترقي اسان جا قدم چُمندي. هن خبردار ڪيو ته هي فخر جو لمحو نه پر فڪر جو لمحو آهي، هن معاهدي سان اسان کي ساهه کڻڻ جو موقعو مليو آهي، ويزن، اتحاد سان ئي ڏينهن رات محنت ڪريو، اشرافيه وڏن صنعتڪارن سميت اسان سڀني کي ايثار ۽ قرباني ڏيڻي پوندي، جيڪڏهن ان راهه کي اختيار ڪري وٺنداسين ته ترقي ۽ خوشحالي اسان جا قدم چُمندي، الله تعاليٰ محنت ڪڏهن به رائيگان وڃڻ نه ٿو ڏي، پيرس ۾ ان سان گڏ ويندڙ وفد جي سمورن ميمبرن جو ٿورائتو آهيان، انهن آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سان ملاقات دوران ڳالهين ۾ ڳالهه ٻولهه ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، دعا آهي هي اسان جو آءِ ايم ايف جو آخري پروگرام هجي ۽ ٻيهر اسان کي آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو نه پوي. هن چيو ته ساليانو 600 ارب رپيا پاڪستان اسٽيل ملز ۽ پي آءِ اي جهڙن ادارن تي لڳائڻا پون ٿا، ان صورت ۾ اسان ڪيئن ترقي ڪري سگهون ٿا؟ هن چيو ته اسان کي مستقبل لاءِ فيصلا ڪرڻا پوندا، ايندڙ چونڊن ۾ جيڪا به پارٽي ڪاميابي حاصل ڪري ان کي انهي رستي تي هلڻ گهرجي، ڪابينا ميمبر پاليسي فريم ورڪ جي حوالي سان پنهنجون تجويزون ڏيون ته جيئن اسان هڪ بنياد رکي وڃون، ماڻهن کي خبر هجي ته اسان رڳو آءِ ايم ايف معاهدي تي ناهي ڀاڙيو پر ويزن، حڪمت عملي ۽ پاليسي گائيڊ لائين ڏني آهي ۽ اها ئي توهان جي وراثت هوندي. وزيراعظم سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي ڪڌي واقعي جو ذڪر ڪندي چيو ته ان واقعي جي پوري اسلاميه ملت، پاڪستاني قوم ۽ پاڪستان حڪومت ڀرپور مذمت ڪري ٿي ۽ اسان جو مطالبو آهي ته فوري طور تي ڏوهارين جي خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪئي وڃي، بدقسمتي سان هي پهريون واقعو نه آهي، ان کان اڳ به اهڙا دل ڏکوئيندڙ واقعا پيش اچي چڪا آهن ۽ ان مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته سوئيڊن ۾ جيڪي مسلمان رهن ٿا اهي اتي اقليت ۾ آهن، اتي اسلامو فوبيا، نفرت، تفريق جو بيانيو ٺاهيو ويو آهي، ان جي پاڪستان حڪومت مذمت ڪري ٿي ۽ سوئيڊن جي حڪومت کان مطالبو ڪري ٿي ته اها انهن واقعن ۽ بيانيي جو ڀرپور نوٽيس وٺي. هن چيو ته اها اطمينان جوڳي ڳالهه آهي ته او آءِ سي ان معاملي تي هنگامي اجلاس گهرايو آهي ۽ ان اجلاس ۾ ان ڪڌي حرڪت جي ڀرپور مذمت ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ويو ته نه رڳو ڏوهارين جي خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪئي وڃي پر اڳتي جي لاءِ اهڙن واقعن جي روڪٿام ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت او آءِ سي جي ان اجلاس ۽ فيصلي جي ڀرپور تائيد ڪري ٿي ۽ اميد آهي ته اڳتي اهڙي قسم جو واقعو نه ٿيندو ۽ سوئيڊن حڪومت کان اهو جائز مطالبو آهي، اسان پنهنجي پرڏيهي وزارت جي ذريعي ان جو ڀرپور فالو اپ ڪنداسين.

مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل
متعلقہ مضامین
مزید خبریں