GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

آئين جي پاسداري ۽ احترام جي لاءِ سمورن ادارن ۽ پوري قوم کي هڪ ٿيڻو پوندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

image

اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آئين جي پاسداري ۽ احترام جي لاءِ سمورن ادارن ۽ پوري قوم کي هڪ ٿيڻو پوندو، آئين پارليامينٽ جي هنج ۾ جنم ورتو، عدليه آئين جي تشريح ڪري سگهي ٿي پر ”ري رائٽ“ نه ٿي ڪري سگهي، دنيا ۾ ڪٿي ڪو اهڙو مثال نه آهي ته پارليامينٽ جو قانون جڏهن اڃا اهو وجود ۾ به نه آيو هجي، تي عدالت منع نامو جاري ڪري ڇڏي، اسان انشاءَ الله پنهنجي سياسي اثاثي کي رياست بچائڻ جي لاءِ قربان ڪرڻ ۾ هڪ لمحي جي لاءِ به نه ڪيٻائينداسين. هو پاڪستان جي 1973ع جي آئين جي موبائيل ايپ جي اجراءَ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله پڻ موجود هئا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آئين جي ڊيجيٽل ايپ تي دستياب هجڻ سان شاگرد، شاگردياڻيون ۽ ڪروڙين پاڪستاني آئين جي منشا ۽ پاڪستان جي آئين جي بنيادي اساس مان فائدو کڻي سگهندا. هن چيو ته هي حسن اتفاق آهي ته مون 12 آڪٽوبر 1999ع تي پي ٽي آءِ جي هن بلڊنگ گذايو جڏهن هڪ غيرآئيني قدم کنيو ويو هو ۽ اڄ الحمدالله آئين جي احترام ۽ آئين جي شقن کي هر خاص ۽ عام تائين پهچائڻ جي لاءِ ٻيهر هن عمارت ۾ موجود آهيان. هن آئين جي بانين جن ۾ اڳوڻو وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو، مفتي محمود مرحوم، مولانا شاهه احمد نوراني مرحوم، خان عبدالولي خان جهڙيون قدآور شخصيتون هيون جيڪي پنهنجي سياسي سوچ موجب پنهنجي پارٽين جي قيادت ڪري رهيا هئا پر پاڪستان جي آئين لاءِ انهن پنهنجا سمورا اختلاف وساريندي هن آئين کي تخليق ڪيو ۽ اهڙي طرح رهندڙ دنيا تائين انهن جو نالو سدائين سنهري لفظن ۾ رکيو ويندو. وزيراعظم چيو ته اڄ ٻيهر آئين جي پاسداري ۽ احترام جي لاءِ سمورن ادارن ۽ پوري قوم کي گڏ ٿيڻو پوندو، آئين پارليامينٽ جي هنج مان جنم ورتو، آئين جي تشريح عدليه ڪري سگهي ٿي اهو ان جو اختيار آهي پر عدليه آئين کي ”ري رائٽ“ نه ٿي ڪري سگهي، اهو رڳو پارليامينٽ جو اختيار آهي ۽ اهو رڳو پاڪستان ۾ نه پر سڄي دنيا ۾ مڃيل اصول آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ پاڪستان هڪ ٻه واٽي تي بيٺل آهي، مون سميت اسان سياستدانن کان بي شمار غلطيون ٿيون ۽ وڏا ماڻهو اهي ئي هوندا آهن جيڪي پنهنجي غلطين مان سبق سکي اڳتي وڌن ٿا ۽ قوم جي اعليٰ ۽ وڏن مقصدن جي لاءِ پنهنجي ذات کي قومي مفادن جي تابع ڪن ٿا. وزيراعظم چيو ته يقينن اسان سبق سکيو آهي ۽ انشاءَ الله اسان پاڪستان جي مشڪل ترين حالتن کي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيا آهيون ۽ رهنداسين، آئون بنا ڪنهن پاڻ وڻائڻ جي اهو چوڻ چاهيان ٿو ته اسان کي تمام گهڻين مشڪلاتن حالتن ۾ هي اقتدار مليو ۽ بنا ڪنهن سياسي ڳالهه ٻولهه ۾ وڃڻ جي آئون اهو چوڻ چاهيان ٿو ته اسان ان ڳالهه تي پوري طرح هڪ آهيون ته اسان انشاءَ الله پنهنجي سياسي اثاثي کي رياست کي بچائڻ جي لاءِ قربان ڪرڻ ۾ قطعي طور هڪ لمحي جي لاءِ به نه ڪيٻائينداسين ۽ اهڙي طريقي سان آئون هتي اهو چوڻ چاهيان ٿو ته جتي اسان کي پنهنجي غلطين جو ادراڪ ٿيڻ گهرجي اتي اسان کي اهو چوڻ ۾ به ڪا هٻڪ نه ٿيڻ گهرجي ته جيڪڏهن پارليامينٽ ڪو قانون ٺاهي ٿي ته دنيا ۾ ڪٿي ڪو اهڙو مثال نه آهي ته پارليامينٽ جي قانون کي جڏهن اڃا اهو وجود ۾ به نه آيو هجي، عملي شڪل به اختيار نه ڪئي هجي ته عدالت ان تي منع نامو جاري ڪري ڇڏي، ائين ڪڏهن ناهي ٿيو، اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي ۽ ان تي پارليامينٽ پنهنجو آئيني ۽ قانوني حق استعمال ڪندي، اهڙي طريقي سان آئين جي اعليٰ عدليه سدائين تشريح ڪئي آهي، اهو ان جو حق آهي ۽ اهو ٿيندو رهيو آهي پر ڪڏهن آئين کي ”ري رائٽ“ نه ڪيو ويو، ڊڪٽيٽرز آئين کي ٽوڙيو آهي، ان جو هڪ نه ڪيترائي مثال آهن پر اسان، عدليه، اعليٰ عدليه، بئنچ ۽ بار مان اميد ڪريون ٿا ته اهي آئين ۽ قانون جو تحفظ ڪندا. وزيراعظم چيو ته اسان جو آئين نصاب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو موجوده دور جو بهترين فيصلو آهي، اسڪولن ۾ پرائمري ۽ اعليٰ درجن ۾ يونيورسٽي جي سطح تي آئين جي نصاب جو حصو بڻجڻ سان آئين ۽ قانون پاڪستان جي ٻار ٻار کي ياد ٿي ويندو جنهن سان قانون جي حڪمراني ۾ مدد ملندي. وزيراعظم اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، پاڪستان جي پارليامينٽ ۽ نادرا جي عملدارن جا ٿورا مڃيندي چيو ته پاڪستان جي آئين جي 50 هين سالگرهه جي موقعي تي جيڪي قدم کنيا ويا اهي ساراهه جوڳا آهن. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته اسان جي نوجوان نسل آئين جي ان ڪتاب جو چڱي طرح مطالعو ڪندي، ان کي ياد ڪندي ۽ ان تي تعليمي ادارن ۾ بحث ٿيندو جنهن سان قانون ۽ آئين جي حڪمراني قائم ٿيندي. وزيراعظم چيو ته آئون اڄ هتي آئين جي پاسداري ۽ استحڪام جي لاءِ آيو آهيان، 12 آڪٽوبر 1999ع تي جڏهن آئون هتان گذريو هئس ته اها هڪ اونداهي رات هئي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ پاڪستان کي سدائين آباد رکي.

مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں