GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

وزيراعظم پاران برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثرين جي مدد جي لاءِ سنڌ حڪومت جي لاءِ 15 ارب رپين جي گرانٽ جو اعلان

image
APP45-260822 SUKKUR: August 26 - Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif talking to media after visiting Sukkur Barrage. APP

سکر – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثرين جي مدد جي لاءِ سنڌ حڪومت جي لاءِ 15 ارب رپين جي گرانٽ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ٻوڏ سبب ٿيندڙ تازي تباهي 2010ع جي ٻوڏ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي، جيستائين آخري شخص پنهنجي گهر ۾ آباد نه ٿو ٿي وڃي اسان سک سان نه ويهنداسين، مستحق خاندانن تائين شفاف طريقي سان امداد پهچائينداسين، متاثرين ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 25، 25 هزار رپيا فوري ورهايا پيا وڃن، اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي گڏيل سروي جي ذريعي نقصانن جو ڪاٿو لڳائيندا، سرندي وارا ۽ ڪاروباري شخصيتون متاثرين جي مدد جي لاءِ دل کولي عطيو ڏين. هن اهڙن خيالن جو اظهار سکر ۾ ٻوڏ متاثرين ۽ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، پاڻي وسيلن وارو وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه، بجلي وارو وفاقي وزير خرم دستگير، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جو اڳواڻ مولانا راشد سومرو پڻ موجود هئا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هن فضا مان صورتحال جو جائزو ورتو آهي. سنڌ ۾ 30 سالا برساتن جو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي. ٻوڏ ريلي هر طرف تباهي مچائي ڇڏي آهي. سنڌ، بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ ڏکڻ پنجاب جا مختلف علائقا پاڻي هيٺ ٻڏي ويا آهن. ڏکڻ پنجاب ۾ ڊيره غازي خان ۽ راجن پور ۾ ٻوڏ سبب تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي. هيستائين 900 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. فصل، گهر ۽ چوپايو مال وهي ويو آهي. ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي 2010ع جي ٻوڏ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي. وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثرين جي مدد جي لاءِ صوبائي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي. فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي 10، 10 لک رپيا وفاقي حڪومت پاران ڏنا پيا وڃن. زخمين کي به معاوضو ادا ڪيو پيو وڃي. نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ جي لاءِ گڏيل سروي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن صوبا ۽ وفاق گڏجي ان چئلينج کي منهن ڏئي سگهن. هن چيو ته اتحادي حڪومت گڏجي ان چئلينج کي منهن ڏيندي. وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۾ سنڌ حڪومت جي هر ممڪن مدد ڪندي. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي متاثر خاندانن کي 25، 25 هزار رپيا فوري ورهايا پيا وڃن. ان سلسلي ۾ 28 ارب رپيا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي فراهم ڪيا ويا آهن. بلوچستان مان ان ورڇ جو سلسلو شروع ڪيو هو، اڄ کان سنڌ به ان جي شروعات ڪئي آهي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام وٽ انگ اکر موجود آهن. شفاف طريقي سان مستحق خاندانن تائين مالي امداد پهچائينداسين. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي لاءِ 15 ارب رپين جي گرانٽ پهرين مرحلي ۾ ڏئي رهيا آهيون جنهن کي ترجيحي بنيادن تي پنهنجي صوابديد سان صوبائي حڪومت خرچ ڪندي. مڪمل يقين آهي ته انتهائي شفاف ۽ ايمانداري سان رقم خرچ ڪئي ويندي. جيڪڏهن اهي ايف ڊبليو او، اين ايل سي يا ڪنهن ٻئي کان بنيادي ڍانچي جي تعمير شروع ڪرائڻ چاهين ته اهو انهن جو پنهنجو صوابديد آهي. اين ڊي ايم اي صوبائي حڪومت سان مڪمل تعاون ڪندي. وفاق ۽ صوبا گڏجي مشڪل تي ضابطو آڻيندا. هن چيو ته پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ پاڪ بحريه جي سربراهه سان پڻ منهنجي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. آرمي چيف سمورن معاملن جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي، 11 – 2010ع جو ماڊل اسان جي آڏو آهي انهي فريم ورڪ تي عمل ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته متاثرين جي لاءِ خيمن ۽ مڇردانين جو پڻ انتظام ڪري رهيا آهيون. 15 لک مڇردانيون سنڌ کي ۽ 5 لک بلوچستان ڏنيون پيون وڃن. 100 ٽن پاڻي نيسلي ڪمپني عطيو ڪيو آهي جنهن مان 80 ٽن سنڌ ۽ 20 ٽن بلوچستان کي ڏنو ويندو پهرين مرحلي ۾ بلوچستان کي 60 ٽن پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪيو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته غيرملڪي سفيرن سان به سندس ملاقات ٿي آهي ۽ ان ملاقات ۾ انهن کي تعاون جي اپيل ڪئي آهي. وڌيڪ به رابطا ٿيندا. آخري متاثر شخص جي ٻيهر آبادڪاري تائين سک سان نه ويهنداسين. ڪراچي، لاهور، سيالڪوٽ، سکر، ڪوئيٽا، پشاور سميت سڄي ملڪ جي سرندي وارن ۽ ڪاروباري شخصيتن کي اپيل آهي ته اهي دل کولي متاثرين جي لاءِ عطيو ڏين. توهان اڳ ۾ به مشڪل گهڙيءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهيا آهيو. هن وقت به قوم توهان طرف ڏسي رهي آهي. ٻوڏ متاثرين جي لاءِ اڪائونٽ کوليا ويا آهن. ڏکويل انسانن جي خدمت جي لاءِ پنهنجو حصو وجهو. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ متاثرين جي مدد جي لاءِ سنڌ حڪومت جا انتظام اطمينان جوڳا ۽ حوصلا افزا آهي. بلاول ڀٽو زرداري ۽ سيد مراد علي شاهه ان تي مبارڪباد جا مستحق آهن. بي آءِ ايس پي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هڪ هفتي جي اندر متاثر خاندانن ۾ 25، 25 هزار رپين جي ورڇ کي يقيني بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته 2010ع ۾ اين ايف سي ايوارڊ جو اعلان ٿيو هو جنهن تحت اوڳاڙين جو 58 سيڪڙو صوبن کي ملي ٿو جڏهن ته وفاق وٽ بچي ويندڙ اوڳاڙيون پگهارن ۽ قرضن تي وياج جي ادائيگي خرچ ڪيون وڃن ٿيون. 18 هين ترميم تحت صوبن کي ملندڙ حصو وڌيڪ آهي پر ان جي باوجود وفاقي حڪومت ڀرپور وسيلا فراهم ڪندي. سنڌ، خيبرپختونخواهه، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان سميت سمورن متاثر علائقن ۾ کاڌي پيتي جون شيون، خيما ۽ مڇردانيون صوبن سان گڏجي ورهايا ويندا. ايتري وڏي پئماني تي شين جي ورڇ هڪ چئلينج آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جن کي موسمياتي تبديلين سان سڌوسنئون خطرو آهي پر گئسن جي خارج ٿيڻ ۾ اسان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي جڏهن ته هي وقت ڪنهن تي الزام هڻڻ جو نه همت سان اڳتي وڌڻ جو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان اسان جي سڃاڻپ آهي. اڄ ڪير سنڌي، بلوچي، پنجاب ۽ پٺاڻ نه آهي، سڀ پاڪستاني گڏجي متاثرين جي مدد ۽ بحالي جي لاءِ ڪم ڪن. هن چيو ته سنڌ ۾ 86 هزار خيما فراهم ڪيا ويا آهن. 15 لک مهاريُون ٽن چئن ڏينهن ۾ پهچي وينديون. 15 ارب رپين جي گرانٽ پاڪستان جي ٽيڪس ڏيندڙن جو پئسو آهي ۽ اها رقم حقدار تائين پهچندي. پهريون مرحلو ريسڪيو ۽ ريليف آهي. ٻئي مرحلي ۾ بحالي ۽ ٽئين مرحلي ۾ بنيادي ڍانچي جي تعمير جو هوندو. مختصر ۽ وچولي مدي جون سرگرميون مهيني ڏيڍ ۾ مڪمل ٿي وينديون جڏهن ته ڊگهي مدي وارن منصوبن کي به جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا ويندا. هي وقت سياست جو نه آهي، متاثرين جي مدد جو آهي. اسان جمهوري روايتن جا حامي آهيون. متحده اپوزيشن جمهوريت جي لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، جڏهن مائرون ڀينرون ڌيئرون گرفتار ٿيون ته ان وقت ڪنهن کي ڇو خيال نه آيو.

مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا
متعلقہ مضامین
مزید خبریں