GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

حڪومت پاران پاڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي تي پاڪستان جو ري رڪارڊيڊ قومي ترانو جاري

image

اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) حڪومت پاڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي تي پاڪستان جو ري رڪارڊيڊ قومي ترانو جاري ڪري ڇڏيو. لياقت علي خان کانپوءِ شهباز شريف ٻيو چونڊيل وزيراعظم آهي جنهن ري رڪارڊيڊ قومي ترانو جاري ڪيو. قومي تراني جي ٻيهر رڪارڊنگ جي لاءِ 2021ع ۾ اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙي وئي هئي ۽ اپريل 2022ع ۾ موجوده حڪومت پاران ان کي وڌيڪ مينڊيٽ ڏنو ويو. اسٽيئرنگ ڪميٽي اصل قومي تراني جي ٻيهر رڪارڊنگ ۾ ڌُنن جي ڪمپوزيشن سان گڏوگڏ اصل لفظن جي حرمت کي برقرار رکندي نئين آوازن ۽ تاثرن کي شامل ڪيو. غيرتبديل ٿيل اصل لفظن ۽ ڪمپوزيشن جي نئين صوتي ۽ آلاتي ورزن تيار ڪرڻ جي منصوبابندي ڪندي اسٽيئرنگ ڪميٽي هڪ همه گير صنفي توازن تي ٻڌل نقطه نظر جو اطلاق ڪيو ۽ متنوع علائقائي، ثقافتي ۽ نسلي پس منظر ۽ مذهبي عقيدن ۽ موسيقي جي انواع سان تعلق رکندڙ موسيقارن کي شامل ڪيو. قومي تراني جي ري رڪارڊنگ ۾ پاڪ فوج جي زميني، سامونڊي ۽ فضائيه جي بينڊز جي 48 موسيقارن حصو ورتو جن موسيقي جي آلات کي مهارت سان وڄايو جڏهن ته نيشنل اڪيڊمي آف پرفارمنگ آرٽس جي 30 ۽ سمورن صوبن، علائقن ۽ عقيدن جي نمائندگي ڪندڙ 125 کان وڌيڪ گلوڪار ان عمل ۾ شامل رهيا. اهو ضروري هو ته پاڪستان جي قومي تراني جي تاريخي تقدس ۽ ڀرپور ورثي کي برقرار رکندي ان جي صحيح طريقي سان ري رڪارڊنگ ڪئي وڃي. ان مقصد جي لاءِ ڪيترن ئي ٽريڪس کي رڪارڊ ڪرڻ ۽ مڪسنگ ۽ فيوزن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ جديد ترين ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو ويو ته جيئن هڪ واضح، منفرد، طاقتور آواز ۽ انسٽرومينٽل ورزن تيار ڪري سگهجي. نم فلمز پاران قومي تراني جي نئين ورزن جي هڪ رنگين ڪيليڊو اسڪوپ وڊيو پڻ تيار ڪئي وئي. قومي تراني جي ري رڪارڊنگ ۾ شامل گلوڪارن ۾ عبدالله قريشي، عابد بروهي، عابد ولسن، عادل بلوچ، احمد گل، احمد جهانزيب، احسن علي، اعزاز سهيل، اڪبر علي، اڪبر علي خان، اختر ڇنال، علي همداني، علي حمزه، ايليسيا ڊياس، امان الله نصر، انامتا سليم صابري (صابري سسسٽرز)، اقدس آصف، عارف خان، عارف لوهار، ارقم خان، اصغر حسين، عاصم بلوچ، بختيار خٽڪ، بلال علي، بلال اسد، بلال سعيد، بسمه عبدالله، ڊاڪٽر عيسيٰ ڪاڪڙ، عيسيٰ کجڪ، فخر محمود، فريحه پرويز، فوزيه ياسمين (منوا سسٽرز)، گوهر ممتاز، حيدر علي، همايون خان، حمزه تنوير، هارون شاهد، حميره جاويد، حسين بخش، ايمان شاهد، عرفان علي تاج، عرفان خان، اسلام حبيب، جابر عباس، جانا نازيرٿ، جاسم حيدر، جيا نعمان، جنيد جاويد، ڪرن خان، ڪاشف دين، ڪاشف ظفر، ڪهڪشان خان، خالد جهانگير، خرم اقبال، ليليٰ خان، لڪي خان، ماهم وقار، ماريه انيرا، مهڪ علي، معز محمد، نصير آفريدي، ناصر بٽ، نتاشا حميره اعجاز، نعمان لاشاري، نياز بلتي، ندا ارتضيٰ، نمره گيلاني، نمره رفيق، نرمل راءِ، نرمالا مغني، نعمان عصمت، قائد احمد، رابعه نذر، راشيل جانسن، رافيعه علي، رحيم خان، رئيسه رئيساڻي، رميز مختار، رضيه ابرار، رضوان انور، صبا نورين (منوا سسٽرز)، صادق حسين، ساحر علي بگا، سجاد گوهر، سلمان پارس، ثمن اريج (صابري سسٽرز)، ثناءُ تاجڪ، سانول عيسيٰ خيلوي، سردار امر، سحر گل خان، شهاب حسين، شاهه مير قدوائي، شائنه جانسن، شمو بائي، شوڪت فقير، شيري رضا، شجاع حيدر، سبطين خالد، سدره ڪنول، ستاره يونس، سمران شفيق، سني سام، طاهر فيروز، تاج مستاني، تهمينه طارق (گوسپل سنگر)، ٽينا ثاني، عمير جسوال، عروج فاطمه، عثمان وٿ، وشنو، وجاهت عالمي، وجيهه نقوي، ولي الله فاروقي، يمسيٰ نور، يشويٰ ايوب، ياسر خان ملزئي، زارا مدني، زيرش ڪليم، زيب بنگش، ذيڪ آفريدي، ذيشان علي، زلي هما (منوا سسٽرز)، زوها زبيري، زوهيب زمان ۽ زوبين ارنسٽ (گوسپل سنگر) شامل آهن. نيشنل اڪيدمي آف پرفارمنگ آرٽس جي فنڪارن تي ٻڌل طائفي ۾ احسن شيخ، عليزه فاطمه، انجيلي سرفراز، ڪرسٽينا نيامت، سنٿيا روز، عليشاه ويليم، فهد مقصود، حسن مرزا، حبا عاصم، جولين قيصر، خديجه امتياز، ڪومل سومرو، ماهنور سحر، محمد خضر رضوي، محمد منعم، مائرون جيسپر، نسفه نظار، نتاشه شريف، نيها فهيم خان، نائجل، عبيد احمد صديقي، رمشا مسعود قريشي، سجر نفيس، سمير حمزه، سيمل نفيس، سيد رضوان مهدي، تبيتا جي نسيم، اسامه انور، يشوا جان ۽ ذيشان ظفر شامل آهن. پاڪستان جي قومي تراني جي ري رڪارڊنگ جي لاءِ قائم اسٽيئرنگ ڪميٽي جو چيئرمين اڳوڻو سينيٽر جاويد جبار هو. ڪميٽي جي 16 ميمبرن ۾ شامل 10 ميمبرن رضاڪاراڻي طور تي خدمتون سرانجام ڏنيون جڏهن ته ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ 5 سينيئر سول عملدار ۽ هڪ سينيئر ملٽري اهلڪار شامل هو. اطلاعات واري سيڪريٽري به ڪميٽي جي ميمبرن ۾ شامل هئي. آڊيو سب ڪميٽي ۾ ارشد محمود، برگيڊيئر عمران نقوي (آءِ ايس پي آر)، روحيل حيات، طلحيٰ علي خوشواها، استاد نفيس احمد، لائق زاده لائق ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار قريشي شامل هئا. وڊيو سب ڪميٽي جو ڪنوينر ستيش آنند هو. قومي تراني جي تاريخ به تراني وانگر حيران ڪندڙ آهي. ڊسمبر 1948ع ۾ پاڪستان حڪومت پاڪستان جي باضابطا سرڪاري قومي تراني جي جوڙجڪ ۽ ڌُن جي تياري جي لاءِ نيشنل اينٿم ڪميٽي (اين اي سي) جوڙي هئي. قومي ترانو ڪميٽي جو چيئرمين ان وقت جو تعليم وارو وزير فضل الرحمان هو جنهن مختلف شاعرن کي شعر ۽ ڪمپوزرز کي ڌُن ٺاهڻ جي لاءِ چيو پر ڪنهن به موزون مواد جمع نه ڪرايو. ڪميٽي ملندڙ 723 مان شاعر حفيظ جالنڌري جي ڪلام کي پسند ڪيو، ان تراني کي سرڪاري طور تي اختيار ڪرڻ کان اڳ ئي ان جي ڌُن ٺاهي وئي هئي. 30 مارچ 1950ع تي اهو قومي ترانو شاهه آف ايران جي پاڪستان جي دوري جي موقعي تي پهريون ڀيرو وڄايو ويو. ان وقت اهو ترانو ڪراچي ۾ پاڪستان نيوي جي بينڊ پاران پيش ڪيو ويو. 13 آگسٽ 1954ع تي اهو يادگار ڏينهن هو جڏهن قومي ترانو ريڊيو پاڪستان پاران عوامي نشرياتي رابطي تي نشر ڪيو ويو. پاڪستان جا قومي تراني جي اصل ڌُن احمد علي ڇاگلا 1949ع ۾ ترتيب ڏني هئي. ان تراني جي انتهائي مسحور ڪندڙ شعر مرحوم حفيظ جالنڌري 1952ع ۾ لکيا هئا. اهو ترانو فارسي زبان ۾ لکيو ويو آهي، ان ۾ ڪيترائي لفظ اهڙا آهن جيڪي اردو زبان ۾ به ڪثرت سان استعمال ٿيا آهن. ان تراني ۾ پاڪستان کي ”مقدس سرزمين“ يعني پاڪ سرزمين چيو ويو آهي. لفظن جي باضابطا منظوري کانپوءِ موسيقي ۽ لفظن سان مڪمل قومي ترانو باقاعده طور تي رڪارڊ ڪيو ويو ۽ 1954ع ۾ ان کي سرڪاري طور تي اختيار ڪيو ويو. گلوڪارن ۽ صداڪارن جي گروپ ۾ احمد رشدي، انجم آراءَ، نسيمه شاهين، زوار حسين، اختر عباس، غلام دستگير، انور ظهير، اختر وصي علي، ڪوڪب جهان ۽ رشيده بيگم شامل هئي. 2022ع جي اڄ جي تاريخ تائين گذريل 75 سالن ۾ قومي تراني جي هي واحد سرڪاري رڪارڊنگ ٺهي، ان قومي تراني جي عظمت ان جن ٽن (مصرن) بندن جي آخر ۾ الله تعاليٰ جي اطاعت ۽ تابعداري جي عزم ۾ ظاهر آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي حڪومت کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن 14 آگسٽ 2022ع تي 75 هين جشن آزادي جي موقعي تي پاڪستان جي قومي تراني جي ٻيهر رڪارڊنگ جي عمل (طريقيڪار) ۽ انسٽرومينٽل ورزن ۽ نئين صوتي ورزن سان گڏ نئين وڊيو جي فيچرنگ کي وقت سر مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو. 14 آگسٽ 2022ع تي وزيراعظم پاران (ٻيهر رڪارڊ ڪيل ڌُن) جي اصلي جزن کي ممڪن بڻائڻ جي لاءِ آگسٽ 2022ع جي پهرين هفتي ۾ ان کي جاري ڪرڻ جي لاءِ هڪ ٺوس ملٽي ميڊيا مهم جي منصوبابندي ڪئي وئي. مختلف دورانيي (5/7 منٽس، 12 منٽس ۽ 25 منٽس) جي وڊيو ڊاڪيومينٽري جي ذريعي جاري ڪرڻ کان اڳ (پوسٽ لانچ) وڌيڪ مفصل ڪوريج فراهم ڪئي وئي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ انٽر سروسز پبلڪ ريليشنز (آءِ ايس پي آر) هم آهنگي سان آرمي، ايئر فورس ۽ نيوي ۾ ڪم ڪندڙ ممڪنه بهترين موسيقارن جي ذريعي ٻيهر رڪارڊنگ کي ممڪن بڻايو ويو.

مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea
متعلقہ مضامین
مزید خبریں