GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

پاڪستاني قوم پنهنجي تقدير بدلائڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي: صدر

image
APP12-180522 ISLAMABAD: May 18 - President Dr. Arif Alvi addressing the National Youth Convention, organized by the Pakistan Institute of Conflict and Security Studies. APP

اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستاني قوم پنهنجي تقدير بدلائڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي، قوم دهشتگردي جو سخت مقابلو ڪيو، ملڪ جي بقاءُ ۽ دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ پاڪ فوج اهم ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان جي جوهري طاقت تي مسلمان دنيا کي فخر آهي، پاڪستان تي جڏهن به آزمائش آئي پوري قوم حڪومت جو انتظار ڪرڻ کانسواءِ ان جو ڀرپور طريقي سان مقابلو ڪيو، نوجوانن جي محنت ۽ ڪوشش جي نتيجي ۾ پاڪستان دنيا جو ترقي يافته ۽ مضبوط ملڪ بڻجي ويو، قائداعظم ۽ علامه اقبال جي خوابن جي تعبير نوجوانن سان جڙيل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ نيشنل يوٿ ڪنوينشن 2022ع کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن جو اهتمام پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار ڪنفلڪٽ اسٽيڊيز ڪيو هو، ڪنوينشن ۾ پاڪ فضائيه جي اڳوڻي سربراهه چيف ايئر مارشل سهيل امان پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار ڪنفلڪٽ اسٽيڊيز جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل (ر) سعد خٽڪ ۽ ٻين اهم شخصيتن کانسواءِ سڄي پاڪستان مان يوٿ ليڊر ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي هڪ وڏي تعداد شرڪت ڪئي، صدر نوجوانن تي زور ڏنو ته هو ڪردار سازي ۽ تعليم تي پنهنجو ڌياڻ ڏيڻ سان گڏوگڏ پنهنجي اندر اعتماد پيدا ڪن، سچ جي عادت وجهن ۽ بي ايماني جي خلاف بيهي رهن، صدر چيو ته پاڪستان جي جوهري طاقت تي مسلم دنيا کي فخر آهي، 1974ع ۾ ڀارت جي جوهري تجربي کانپوءِ پاڪستان پنهنجي محنت ۽ ڪوشش سان صرف 7 سالن جي گهٽ عرصي ۾ جوهري صلاحيت حاصل ڪري ورتي، جنهن جي ذريعي پاڪستان دشمن کي فاصلي تي رکيو هو، جيڪا ڪا ننڍي ڪاميابي نه آهي، هن چيو ته پاڪستان قائداعظم ۽ علامه اقبال جي خوابن جي تعبير آهي، جنهن کي ترقي جي راهه تي همڪنار ڪرڻ لاءِ نوجوانن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ڊاڪٽر عارف علوي دنيا جي ٻٽي معيار جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان گذريل 40 سالن دوران 40 لک افغان پناهگيرن کي پناهه ڏني، مسلمانن جي اقتدار ۾ انسانن سان همدردي جو جذبو رکيو آهي، جڏهن ته اولهه ملڪن پناهگيرن کي پنهنجي علائقن ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ بحيره روم ۾ ٻوڙي ڇڏيندا آهن، هن چيو ته پاڪستان کي جڏهن به ڪڏهن قدرتي آفت يا آزمائش کي منهن ڏيڻو پيو ته سڄي قوم حڪومت جو انتظار ڪرڻ کانسواءِ ان جو پاڻ مقابلو ڪيو. هن چيو ته 2005ع جي زلزلي دوران قوم بي مثال ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان جي قوم پنهنجي تقدير بدلائڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي، قوم دهشتگردي جو سخت مقابلو ڪيو، مادر وطن لاءِ پاڪ فوج جي قربانين تي فوج کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، هن چيو ته ملڪ جي بقاءُ ۽ دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ فوج جو اهم ڪردار آهي، صدر چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ماڻهن جو مطالبو خودمختياري واري حق ۽ ڀارت ۾ مسلمانن سميت اقليتن کي ظلم درپيش آهي پر دنيا ان کان نظرون چورائي رهي آهي، صدر نوجوانن کي مخاطب ٿيندي چيو ته شاعر مشرق علامه اقبال ۽ قائداعظم محمد علي جناح جيڪا رياست ٺاهي ڏني اها توهان وٽ امانت آهي، هن نوجوانن کي چيو ته هو پنهنجي اندر يڪجهتي پيدا ڪن، قوم کي انهن مان اميدون آهن، هن چيو ته آءِ ٽي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ ٻين شعبن ۾ تيز رفتار ترقي اڻٽر آهي، هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته پاڪستان هڪ ترقي يافته ملڪ بڻجندو، هن چيو ته اسان جي ترقي جي نتيجي ۾ پاڪستان دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ شامل ٿي ويندو. اخلاقيات جي بنياد تي ورلڊ آرڊر صرف پاڪستان آڻيندو، پاڪستان جو اهو اعزاز آهي ته هن هڪ مختصر مدي ۾ جوهري صلاحيت حاصل ڪئي، صدر چيو ته انسان سٺي اخلاق کي سڃاڻي ٿو، نوجوانن کي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي قابل هجڻ گهرجي، توهان هڪ پراعتماد قوم آهيو، نوجوان ملڪ جي تقدير بدلائي سگهن ٿا، قوم جون نوجوانن سان اميدون ڳنڍيل آهن، صدر پاڪستان جي يڪجهتي لاءِ انسٽيٽيوٽ جي خدمتن کي ساراهيندي ان جي عهديدارن کي مبارڪباد ڏني، هن چيو ته نوجوانن ۾ اعتماد بي انتها ضروري آهي، قوم جي اندر به اعتماد هجڻ گهرجي، ڪنوينشن سان پاڪ فضائيه جي اڳوڻي سربراهه چيف ايئر مارشل سهيل امان پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار ڪنفلڪٽ اسٽيڊيز جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل (ر) سعد خٽڪ ۽ ٻين به خطاب ڪيو.

مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں