اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اوورسيز انويسٽرز چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (او آءِ سي سي آءِ) جي تازي رپورٽ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چ??و آهي ??ه اها رپورٽ عالمي سطح تي سيڙپڪارن جي لاءِ هڪ مثبت پيغام ۽ ان ڳالهه جي عڪاس آهي ??ه پاڪس??ان سيڙپڪاري جي لاءِ هڪ پراميد ۽ قابل اعتماد منزل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته رپورٽ ۾ ٻڌايو و??و آهي ??ه ٻاهرئين سيڙپڪارن جو پاڪس??ان تي اعتماد وڌ??و آهي، ملڪ ۾ ڪاروبار ڪرڻ جي لاءِ ماحول ۾ بهتري آئي ۽ پاڪس??ان بابت عالمي سوچ منفي 10 سيڪڙو مان نڪري 31 سيڪڙو مثبت تي اچي وئي آهي ??يڪا انتهائي خوش آئنده آهي. رپورٽ موجب پاڪس??ان ۾ روزگار جا موقعا وڌيا آهن، پاڪس??ان جي مينوفيچرنگ سيڪٽر جي گروٿ 2 سيڪڙو مان 6 سيڪڙو تي اچي وئي آهي ??ڏهن ته سروسز سيڪٽر جي گروٿ 7 سيڪڙو مان وڌي 30 سيڪڙو تي اچي وئي آهي ??يڪا هڪ نمايان ڪاميابي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو و??و آهي ??ه سيمنٽ، آٽو سيڪٽر، فرٽيلائيزرز ۽ پيٽروليم مصنوعات جي وڪري ۾ نمايان اضافو ڏٺو و??و آهي. وزيراعظم رپورٽ جي نتيجن کي عالمي سطح تي سيڙپڪارن جي لاءِ هڪ مثبت پيغام قرار ڏيندي چيو ته رپورٽ ان ڳالهه جي عڪاس آهي ??ه پاڪس??ان سيڙپڪاري جي لاءِ هڪ پراميد ۽ قابل اعتماد منزل آهي. وزيراعظم چيو ته گذريل ڪجهه مهينن دوران غيرملڪي سيڙپڪارن جي اعتماد ۽ روانگي واپار ۽ رڪارڊ مٽاسٽا جي ناڻي جي ڪري ملڪي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيو. وزيراعظم عوام کي ريليف جي فراهمي کي حڪومت جي ترجيح قرار ڏيندي چيو ته حڪومت جي بهتر معاشي پاليسين ۽ معاشي ٽيم جي محنت جا ثمر ملڻ شروع ٿي ويا آهن.