اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسلام آباد تي لشڪرڪشيءَ ڪندڙ شرپسند ٽولي جي خلاف فوري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ان حوالي سان پراسيڪيوشن جي نظام ۾ وڌيڪ بهتري آندي وڃي، انتشاري ٽولي ۾ شرپسند عنصرن جي فوري سڃاڻپ ڪر?? انهن کي سزا ڏياري وڃي، اسلام آباد يا مل?? جي ڪنهن به شهر تي ذاتي مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ لشڪرڪشيءَ کي روڪڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان جائزه ??جل??س ٿيو. ??جل??س ۾ وزيراعظم کي گذريل ڏينهن مل?? ۾ ڌرڻن جي صورت ۾ احتجاج ڪندڙن پاران سرڪاري مل??يتن ۽ پوليس ۽ رينجرز جي اهلڪارن تي حملي تي بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته مل?? ۾ تاريخي ڪر??شن ۽ پنهنجي حڪومت بچائڻ جي لاءِ ان کي ڏيوالپڻو ڪندڙن جون ڪڌيون سازشون ڪندڙ قانون جي پڪڙ ۾ آيا آهن، قانوني رستو اختيار ڪرڻ بدران ڪيترائي ڀيرا اسلام آباد طرف لشڪرڪشيءَ ڪر?? سڄي مل?? ۾ انتشار جي فضا ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته انتشاري ٽولي جي لشڪرڪشيءَ دوران سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن کي زخمي ۽ شهيد ڪيو ويو. وزيراعظم سوال ڪيو ته اهي ڪهڙا انقلابي آهن جيڪي هن مل?? جي تباهي ۽ انتشار ڦهلائڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪر?? رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته اسلام آباد تي لشڪرڪشيءَ ڪندڙ شرپسند ٽولي جي خلاف فوري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ان حوالي سان پراسيڪيوشن جي نظام ۾ وڌيڪ بهتري آندي وڃي، شرپسند ٽولي جي منتشر ٿيندي ئي اسٽاڪ ايڪسچينج هڪ لک پوائنٽس جي حد عبور ڪر?? وئي. وزيراعظم چيو ته ان انتشار ڦهلائڻ جي ڪڌي ڪوشش جي نتيجي ۾ مل?? کي اربين رپين جو نقصان ٿيو، مل?? جي معاشي نقصان جا ذميوار انتشاري ٽولو ۽ ان جا هلائيندڙ آهن. وزيراعظم چيو ته انتشاري ٽولي ۾ شرپسند عنصرن جي فوري سڃاڻپ ڪر?? انهن کي سزا ڏياري وڃي، انتشاري ٽولي جي لشڪرڪشيءَ دوران پنهنجا فرض سرانجام ڏيندي شهادت ماڻيندڙ اهلڪارن کي مون سميت پوري قوم خراج عقيدت پيش ڪر?? ٿي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اسلام آباد يا مل?? جي ڪنهن به شهر تي ذاتي مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ لشڪرڪشي کي روڪڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙي وڃي. وزيراعظم چيو ته حڪومت نام نهاد پرامن ڌرڻي جي هٿياربند ماڻهن کي انتشار ڦهلائڻ کان روڪڻ ۾ برداشت جو مظاهرو ڪيو، اڳتي اهڙي ڪنهن به صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي جوڙي پيش ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته گذريل ڏينهن جي واقعن ۾ عوام ۾ اشتعال، بي يقيني ۽ انتشار ڦهلائيندڙ عنصرن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، وڳوڙين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسلام آباد ۽ سڄي مل?? ۾ اينٽي روائٽس (Anti Riots) فورس قائم ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته فورس کي عالمي طرز تي پيشيواراڻي تربيت ۽ ضروري سامان سان ليس ڪيو وڃي، سرڪاري ۽ نجي مل??يتن کي نقصان پهچائيندڙن سان گڏوگڏ هٿياربند ماڻهن جي نشاندهي ڪر?? انهن جي خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي. ??جل??س ۾ وفاقي وزيرن احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، اٽارني جنرل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.