اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هباز شريف چيو آهي ته ??يف بي آر ۾ سڌارن جا مثبت نتيجا اچي رهيا آهن، عوام جي ٽيڪس تي ڌاڙو هڻندڙن جي خلاف پڪڙ مضبوط ڪئي ويندي، ٽيڪس بيس ۾ اضافي جي لاءِ حڪومت ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??يف بي آر جي سينيئر آفيسر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقا?? ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??يف بي آر جي سينيئر آفيسر اعجاز حسين کربين رپين جي سيلز ٽيڪس فراڊ جي ڪوشش جي وقت سر نشاندهي ڪندي ڪارروائي ڪئي. وزيراعظم محمد ??هباز شريف اعجاز حسين جي فرض شناسي کي ساراهيندي سندس ايمانداري جي اعتراف ۾ ان جي لاءِ 50 لک رپين جي انعام جو اعلان ڪيو. وزيراعظم محمد ??هباز شريف اعجاز حسين جي فرض شناسي تي کيس اعزازي شيلڊ پڻ ڏني. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ۾ فرض شناس آفيسرن ۽ پنهنجي پيشي سان مخلص باصلاحيت ماڻهن جي کوٽ نه آهي، ضرورت ان ڳالهه جي اهي ته اهڙن ايماندار ماڻهن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي. وزيراعظم ??يف بي آر سڌارن جي مثبت نتيجن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان جي غريب عوام جو ٽيڪس چوري ڪرڻ ۽ انهن جي مدد ڪندڙن جي نشاندهي ڪري انهن کي سخت کان سخت سز?? ڏياري ويندي، غريب عوام جي ٽيڪس تي ڌاڙو هڻندڙن جي خلاف قانون جي پڪڙ کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو. هن چيو ته اعجاز حسين ان احسن قدم سان ملڪ ۽ قوم جي خدم?? ڪئي آهي جيڪو ساراهه جوڳو آهي. وزيراعظم هداي?? ڪئي ته ??يف بي آر ٽيڪس فراڊ جي ان ڪڌي ڪوشش جي تفصليي جاچ کانپوءِ ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي. هن ??يف بي آر ٽيڪس فراڊ ۾ ملوث عنصرن ۽ انهن جي مدد ڪندڙن کي سز?? ڏيارڻ جي لاءِ بهترين قانوني ٽيم جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي پڻ هداي?? ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سيلز ٽيڪس چوري جي لاءِ 80 سالن جي عورت جا دستاويز استعمال ڪيا ويا، 4 مارچ 2024ع تي ??يف بي آر جي سينيئر آفيسر اعجاز حسين ٽيڪس فراڊ جي ان ڪوشش جي نشاندهي ڪئي، سيلز ٽيڪس فراڊ جي ان ڪوشش ۾ شروعاتي طور تي 37 ڪروڙ منتقل به ٿيا جنهن جي ريڪوري جو عمل جاري آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٽيڪس فراڊ جي ڪوشش ۾ ملوث مرڪزي جوابدار گرفتار ڪيو ويو آهي. وزيراعظم حڪم ڏنو ته تفصيلي جاچ کانپوءِ ٽيڪس فراڊ جي ڪوشش ۾ مبينا سهڪار ڪندڙ ??يف بي آر جي عملدارن جي نشاندهي ڪري انهن کي به سخت سز?? ڏياري وڃي. وزيراعظم چيو ته ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ ٽيڪس بيس ۾ اضافي جي حوالي سان ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهيا آهيون، ??يف بي آر جي سڌارن ۽ مڪمل ڊيجيٽائيزيشن سان مستقبل ۾ پڻ اهڙي قسم جي ڪاررواين جي روڪٿام ٿي سگهندي.