اسلام آباد-24 آڪٽوبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي باجوڙ ۾ ڪامياب انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي شاندار خراج تحسين پيش ڪندي آپريشن دوران 9 دهشتگردن جي مارجي وڃڻ تي سيڪيورٽي اداري جي پيشيوراڻي صلاحيتن جي تعريف ڪئي. گهرو وزير چيو ته 9 دهشتگردن کي انجام تائين پهچائيندڙ سيڪيورٽي اهلڪارن کي سلام پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز بهاد??ي سان دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو جنهن تي پوري ??وم کي انهن تي فخر آهي. گهرو وزير وڌيڪ چيو ته دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ??وم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي.