اسلام آباد -21 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي، ته پاڪستان لاءِ 2024ع اهم سال آهي، جتي اسان پنهنجي مستقبل جي رُخ جو تعين ڪري سگهون ٿا، انهي لاءِ ڀروسي جوڳي ۽ معياري ڊيٽا جي فراهمي اڻٽر آهي ته جيئن اسان صحيح فيصلا ڪري سگهون ۽ ٽيڪنالاجي جي انقلاب ۾ دنيا جي ٻين ملڪن سان قدم سان قدم ملائي هلي سگهون، معاشي ميدان ۾ ت??قي لاءِ اسان کي پاليسين جي تسلسل ۽ استحڪام جي اشد ضرورت آهي، لانگ مارچ ۽ مظاهرن سان ملڪ اڳيان نه وڌندو پر اسان کي مستقل مزاجي ۽ درست رخ ۾ پاليسي سازي ذريعي اڳيان وڌڻو پوندو ته جيئن ملڪ جي معيشت کي مستحڪم ۽ ت??قي کي يقيني بڻائي سگهجي. انهن خيالن جو اظهار هن ڊيٽا فيسٽ 2024ع جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ نادرا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل منير افسر، رٿابندي وارو سيڪريٽري اويس منظور، وفاقي ۽ صوبائي وزارتن جي نمائندن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز شرڪت ڪئي. هن چيو ته هي درست آهي ته اسان هڪ اهڙي دور ۾ داخل ٿي چ??ا آهيون جتي تبديلي جي رفتار تاريخ ۾ بي مثال آهي. تختي کان وٺي فائيو جي تائين جو سفر اسان جي ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ ٿيل اڳڀرائي جو بهترين مثال آهي. ان انقلاب جو بنياد ڊيٽا ۽ جديد ٽيڪنالاجي تي آهي، جي??و هر شعبي ۾ تبديلي آڻي رهيو آهي. ڊجيٽل انقلاب ۾، ڊيٽا اهو ٻارڻ آهي جي??و ت??قي جي گاڏي کي اڳيان وڌائي رهيو آهي، مصنوعي ذهانت ۽ ٻين جديد ٽيڪنالاجيز جي ت??قي ۾ ڊيٽا جو معيار تمام اهم آهي ڇو ته ??نهن به اصول يا نظام جي ڪارڪردگي ان ڊيٽا جي درستگي ۽ معيار تي ٻڌل هوندي آهي. هن چيو ته هي منهنجي لاءِ بيحد خوشي ۽ اعزاز جي ڳالهه آهي ته اڄ مان پاڪستان جي پهرين ڊيٽا فيسٽ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو آهيان. هي تقريب اسان جي ملڪ ۾ ڊجيٽل ت??قي جي هڪ نئين باب جي شروعات آهي ۽ مون کي يقين آهي ته هي ڊيٽا ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي. اڄ اسان هڪ اهڙي دنيا ۾ داخل ٿي چ??ا آهيون جي??ا انساني تاريخ جي سڀ کان تيز ترين تبديلين مان گذري رهي آهي. اسان اهي ماڻهو آهيان جن تختي تي لکڻ جي زماني کان وٺي فائيو جي جي تيز ترين ڪنيڪٽيويٽي تائين جو سفر پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي. هن چيو ته جڏهن اسان 24 سال کان پوءِ 2047ع ۾ پاڪستان جي 100 سالن واري آزادي جو جشن ملهائڻ جي تياري ڪري رهيا هونداسين، ته اسان جي ت??قي ۽ ڪاميابي ۾ سڀ کان وڏو حصو ڊيٽا جو هوندو، هي اهو دور هوندو جڏهن معيشت، حڪومتي پاليسيون ۽ عوامي ڀلائي سڀئي ڊيٽا جي صحيح ۽ اثرائتي استعمال سبب هوندا. ڪنهن به قوم جي ت??قي جي پٺيان گهٽ ۾ گهٽ 10 سالن جون مسلسل ۽ مضبوط پاليسيون هونديون آهن جي??ي ان جي ت??قي جي راهه کي هموار ڪنديون، اسان کي به اهڙي پاليسي فريم ورڪ جي ضرورت آهي، جي??و ڊگهي مدي وارو هجي ۽ تسلسل سان عملدرآمد ذريعي ملڪ کي ت??قي جي راهه تي گامزن ڪري. هن چيو ته اسان هن وقت ايندڙ پنج سالا منصوبي تي ڪم ڪري رهيا آهيون ته جيئن ايندڙ سالن ۾ ملڪ جي معيشت ۽ سماجي ت??قي جي بنياد کي مضبوط بڻائي سگهجي. جڏهن مان 2014ع ۾ ٺاهيل ويزن 2025 جو مطالعو ڪيو ته اها ڳالهه سامهون آئي ته ان وقت به اسان اهي چئلينجز ۽ مسئلا لکيا هئا جي??ي اسان کي اڄ درپيش آهن. اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسان جون پاليسيون اثرائتون هئڻ باوجود ان جي تسلسل ۾ رڪاوٽون آيون. جنهن سان ت??قي جو سفر متاثر ٿيو. هن چيو ته اها ڳالهه خوشي جهڙي آهي ته اڄ هتي نوج??ان?? جو هڪ وڏو انگ موجود آهي جي??و ان ڊيٽا جي طاقت ذريعي پنهنجي مستقبل جي راهن جي تعين جو عزم رکي ٿو. اسان جي نوج??ان?? کي اهي صلاحيتون پيدا ڪرڻ گهرجن ته هو ڊيٽا جو صحيح استعمال ڪري سگهن، ته جيئن هو فيصلا سازي ۽ مسئلن جي حل ڪڍڻ ۾ بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري سگهن. هن چيو ته نوج??ان?? وٽ اهو موقعو آهي ته هو ان ڊجيٽل دور جي طاقت کي استعمال ڪندي پاڪستان کي هڪ روشن مستقبل ڏانهن وٺي وڃن. هاڻي اسان کي غور ڪرڻ گهرجي ته ??ا ايندڙ 24 سال ويڙهه ۾ ضايع ڪنداسين يا پاڪستان کي 2047ع تائين ٽريلين ڊالرز معيشت بڻائن جو عزم تي ڪاربند هونداسين، اسان کي پنهنجو وقت وڃائڻ بدران ان کي هاڪاري طريقي سان استعمال ڪرڻو پوندو، ته جيئن اسان پنهنجا هدف جلد حاصل ڪري سگهون. هن چيو ته تازو ئي ٽي چار ڏينهن اڳ اسان شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪانفرنس جي ميزباني ڪئي ۽ دنيا اڳيان پاڪستان جو هڪ هاڪاري رخ پيش ڪيو، اهو اسان جي صلاحيتن ۽ ڪاميابين جو اعتراف آهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي، ته اسان پنهنجي هاڪاري توانائين کي استعمال ڪندي پاڪستان کي اهڙو ملڪ بڻايو جنهن جي ت??قي ۽ صلاحيتن کي دنيا مڃيندڙ هجي، اسان کي يقين آهي ته جي??ڏهن اسان گڏجي اڳيان وڌنداسين ته ??ا به رڪاوٽ اسان جي ت??قي جي راهه ۾ نه ايندي، هن چيو ته اڄ جي نوج??ان?? ۾ اها صلاحيت موجود آهي ته هو 2047ع تائين پاڪستان کي دنيا ۾ هڪ بلند مقام ڏيارين. هن چيو ته اسان کي وقت سان گڏ تبديل ٿيڻ جي صلاحيت پيدا ڪرڻي پوندي ته جيئن اسان هن ڊجيٽل دور جي تيز رفتار ت??قي جو ڀرپور فائدو کڻي سگهون. نوج??ان?? کي گهرجي ته هو پنهنجي علم کي عملي ميدان ۾ لڳائين ۽ تخليقي سوچ سان گڏ مسئلن جو حل ڪڍن. ان ئي رستي تي هلندي اسان نه رڳو پنهنجي ملڪ کي ت??قي جي راهه تي گامزن ڪري سگهنداسين پر دنيا ۾ هڪ بلند مقام به حاصل ڪري سگهنداسين.