اسلام آباد-11 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ نياڻين کي بااختيار بڻائڻ ۽ انھن کي درپيش مسئلن جي خاتمي لاءِ نياڻين جو ع??لمي ڏينھن 11 آڪٽوبر ت?? ملھايو ويو. ان ڏينھن جي حوالي سان سڄي ملڪ ۾ سرڪاري، غير سرڪاري، خانگي ۽ عورتن جي ادارن ۽ تنظيمن جي انتظام ھيٺ مختلف تقريبون ۽ پروگرام منعقد ڪيا ويا ته جيئن عام ماڻھن کي نياڻين کي بااختيار بڻائڻ جي اھميت ۽ انھن جي درپيش مسئلن جي تدارڪ جي حوالي سان آگاھي فراھم ڪئي وڃي. نياڻين جو ع??لمي ڏينھن11 آڪٽوبر ت?? سڄي دنيا ۾ ملھايو ويندو آھي. ان ڏينھن کي ملھائڻ جو بنيادي ??قص?? نياڻين کي بااختيار بڻائڻ سان گڏوگڏ تازين ڄاول نياڻين جي اھميت، طاقت ۽ صلاحيت کي تسليم ڪرڻ پڻ آھي. 19 ڊسمبر 2011ع تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي 11 آڪٽوبر ت?? نياڻين جي عالمي ڏينھن طور ملھائڻ لاء?? ٺھراءُ 170/66 منظور ڪيو ھو.