اسلام آباد- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) سڌ سماءَ، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو آهي ته صوبائي وسيلن سان وفاق تي حملو ڪندڙ انتشاري ٽولو لاش ڪيرائي ملڪي معيشت کي ڊي ريل ڪرڻ چاهي ٿو، کين ملڪي معيشت ۾ بهتري، مهانگائي ۾ گهٽتائي هضم نه ٿي رهي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته تحريڪ انتشار طرفان احتجاجي ڌرڻي جي سڏ جو مقصد لاش ڪيرائڻ هو، اهي ان کان پهرين به آيا، سنگجاڻي واري هنڌ تي هنن پوليس تي پٿراءُ ڪيو، اسلام آباد پوليس جي 55 سالن جي عبدالحميد شاهه کي تشدد ڪري شهيد ڪيو ويو جنهن ??ي بيواهه ۽ ٻار پوري قوم کان اهو سوال ڪري رهيا آهن ??ه عبدالحميد شاهه گهر کان پن??نجو فرض سرانجام ڏيڻ لاءِ ويو هو، پوليس جي مقرري شهرين جي زندگي آسان بڻائڻ ۽ انهن ??ي حفاظت لاءِ ڪئي ويندي آهي، ڪنهن ??ه احتجاج دوران شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ کين مقرر ڪيو ويندو آهي، اهڙي ??رح عبدالحميد شاهه به پن??نجي گهران پن??نجي ٻارن کي پن??نجي ڊيوٽي جي حوالي سان آگاهه ڪري نڪتو هوندو جڏهن ??ندس لاش گهر اچي ٿو ته ان جي ڪَربُ کان تحريڪ انتشار نٿي ڄاڻي سگهي.اسان ان جي قرباني رائيگان نه وڃڻ ڏينداسين، حڪومت سندس خاندان سان گڏ بيٺل آهي، سندس خاندان جي ڪفالت رياست ڪندي. هن چيو ته ملڪي معيشت کي ڊي ريل ڪرڻ ۽ عدم استحڪام جو جڏهن ??ه پيغام ڏيڻو هجي ته اهڙي قسم جون حرڪتون ڪندا آهن ۽ اهڙي ??رح جا واقعا ڪندا آهن، اهي هٿيار، غليل ۽ ڪرينن سان آيا ان جو مقصد ڪو اهڙو واقعو رونما ڪرڻ هو ته جيئن ملڪي ترقي جي سفر کي سبوتاز ڪري سگهجي. ان جو مقصد ملڪ ۾ مهانگائي سنگل ڊجٽ تي اچڻ، ناڻي واڌ گهٽجڻ، پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لاٿ جون سٺيون خبرون، عالمي سطح تي پاڪستاني معيشت جي بهتري جي ??عت??اف تان ڌيان هٽائڻ هو. سڌ سماءَ واري وزير چيو ته انهن ??ي اسلام آباد اچڻ جا ڪهڙا مطالبا هئا ان جي اسان کي خبر ناهي، اهي لاش چاهين پيا تنهن هوندي به پوليس ڪنهن کي هٿ به نه لڳايو، پوليس سيڪيورٽي تي مقرر هئي، هنن عبدالحميد شاهه کي اغوا ڪيو ۽ بري طرح تشدد جو نشانو بڻايو جنهن کانپوءِ هو شهيد ٿي ويو، وردي پائي رات ڏينهن ٿڌيءَ، گرم موسم ۾ جيڪي اسان جي حفاظت تي جان هٿ جي تري تي رکي پن??نجو گهر ٻار ڇڏي نڪرندا آهن ??نهن ??ان اهڙي ??رح جو تشدد مذمت جوڳو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ انتشار پکيڙي ??هي ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهين ٿا ان جي پويان انهن ??و مقصد ملڪ جي ترقي کي ڊي ريل ڪرڻ آهي، تحريڪ انصاف، پاڪستان کي آءِ ايم ايف پيڪيج نه ڏيڻ جا خط لکرايا، انهن کي اها پريشاني آهي ته پاڪستان جو واپاري خسارو ڪهڙي ??رح گهٽجي رهيو آهي، روانگي واپار ۾ ڪهڙي ??رح اضافو ٿي رهيو آهي، آءِ ٽي روانگي واپار ۾ ڪيئن اضافو ٿي ويو، پيٽروليم شين جون قيمتون ڪيئن گهٽجي ويون، هن چيو ته پوري دنيا پاڪستان جي معيشت جي بهتري جو ??عت??اف ڪري رهي آهي، عالمي ادارا پاڪستان جي ريٽنگ کي بهتر قرار ڏئي رهيا آهن، هن چيو ته پاڪستان کان وڌيڪ ڪير به ناهي ۽ نه ئي ڪا سياسي پارٽي ملڪ کان وڌيڪ آهي، ماضي ۾ پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ تي ڪنهن ??ملو ڪيو، پن??نجي آرمي چيف جي خلاف پوري دنيا ۾ مهم هلائيندڙ لاءِ ڪير فنڊنگ ڪندو رهيو، پاڪستان جي فوج هڪ پيشيور فوج آهي جنهن ??و دنيا ??عت??اف ڪري ٿي، اسان جي فوج جو دنيا جي بهترين فوج ۾ ڳاڻيٽو ٿئي ٿو، جيڪو ان جو سياسي طور تي ساٿ نه ڏي ان خلاف مهم جوئي شروع ڪري ڇڏيندا آهن. هن چيو ته احتجاجي مظاهرين کي کڻي ويندڙ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جو ڪي پي هائوس وڃڻ جو منطق سمجهه کان مٿانهون آهي، هو جنهن ڪم لاءِ آيو هو احتجاج رڪارڊ ڪرائي ۽ واپس هليو وڃي ها، ڪي پي هائوس وڃڻ ۽ اتي روپوش ٿي وڃڻ هڪ معمه آهي، اهي لاش کڻڻ آيا هئا جنهن ??و کين موقعو نه ڏنو ويو، هنن پوليس تي فائرنگ ڪئي، پٿراءُ ڪيو. وفاقي وزير چيو ته اسان کين انتشار پکيڙڻ نه ڏينداسين، ملڪ جو نقصان ڪ??ڻ نه ڏينداسين، شنگهائي تعاون تنظيم جو سربراهه اجلاس خوش اسلوبي سان پڄاڻي تائين پهچندو. اسان دنيا کي پاڪستان جي خوبصورتي ڏيکارينداسين، پاڪستان خوبصورتي سان مالا مال آهي، هتي سڄي دنيا مان سياح اچڻ شروع ٿي چڪا آهن، هن چيو ته هي دنيا کي جيڪو رڪارڊ ڪري پن??نجا پيغام ڏئي رهيا آهن ??نهن ۾ اهو به ٻڌائين ته اسان 9 مئي واقعن ۾ ملوث آهيون، اسان فوجي ملڪيتن تي حملا ڪيا هئا، اسان ماڻهن کي جيلن ۾ وڌو هو، ڀينرن ۽ ڌيئرن کي جيلن جا چڪر لڳرايا هئا، اهو به ٻڌائين ته عمران خان جي قيادت ۾ سندن حڪومتي دور فاشسٽ دور هو، هنن گولڊ سمٿ جي ان بيان جي مذمت نه ڪئي جنهن ۾ فلسطينين خلاف هڪ بيانيو بڻايو. هن چيو ته علي امين گنڊاپور پن??نجي صوبي جي حالتن تي ڌيان ڏئي، هو مظاهرين کي گڏ آڻي کين بي يارو مددگار ڇڏي پاڻ لڪي ويو، ان کان اڳ به هنن 2014ع ۾ ڪاهه ڪئي هئي، اهي پن??نجي مقصد ۾ ناڪام ٿي چڪا آهن. هن چيو ته صوبي جي سرڪاري وسيلن سان وفاق تي حملا آور ٿيڻ جون ڪوششون ڪامياب نه ٿينديون، انهن ??ي معيشت کي ڊي ريل ڪرڻ جون ڪوششون ڪامياب ناهن ٿيون، انهن ??ي روزاني آرمي چيف ۽ پاڪ فوج خلاف مهم جوئي هن ملڪ کي بدنام ڪرڻ لاءِ آهي. کين پيشيور آرمي چيف ۽ پيشيور آرمي برداشت نه ٿي رهي آهي جيڪا ملڪ جي مفاد ۾ ڪم ڪري رهي آهي، ان تڪليف جو واحد علاج اهو آهي ته پن??نجي صوبي ۾ وڃي سندن حڪومت عوام جي خدمت ڪري، صوبي جا وسيلا ڌرڻي تي خرچ ڪرڻ بدران اتي جي عوام جي صحت ۽ تعليم تي لڳايا وڃن. هن چيو ته اهي پن??نجي مقصدن ۾ ناڪام ٿي چڪا آهن، پاڪستان جي ترقي جو سفر جاري رهندو.