نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڱاري ڏينهن نيويارڪ ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجي 5 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي وفد سان گڏ نيويارڪ پهچي ويو آهي. دفاع وارو وفاق?? و??ير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاق?? و??ير عطاءُ الله تارڙ، تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاق?? و??ير خالد مقبول صديقي ۽ خ??ص معاون طارق فاطم?? و??يراعظم سان گڏ وفد ۾ شامل آهن. وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاران ميمبر ملڪن جي سربراهن جي لاءِ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو جت?? و??يراعظم جي مختلف ملڪن جي سربراهن سان غيررسمي م??اق??ت ٿيندي. وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس 2024ع جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم جي مالديپ جي صدر محمد معيزو سان م??اق??ت ٿيندي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي.