اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته عالمي اقتصادي مسئلن ۽ غير يقيني صورتحال جي مقابلي لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ميمبر ??لڪن وچ ۾ يڪجهتي ضروري آهي،پاڪستان ايس سي او ملڪن س??ن نون واپاري موقعن ۽ اقتصادي تعاون ڳولڻ جو خواهشمند آهي، پاڪستان انتهائي اهم ??اگرافيائي اهميت رکندڙ آهي، ڏکڻ ايشيا، وچ ايشيا ۽ وچ اوڀر جي واپاري ۽ سيڙپڪاري سرگرمين جي اسٽريٽجڪ مرڪز جي حيثيت رکي ٿو. اهڙو اظهار وفاقي وزير ايس سي او جي ميمبر ??لڪن جي اقتصادي معاملن ۽ واپار وارن وزيرن جي 23 هين اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. پنهنجي افتتاحي خطاب ۾ ڄام ڪمال خان اجلاس جي شرڪت ڪندڙن جي پاڪستان اچڻ تي آجيان ڪئي ۽ چيو ته اجلاس جي ميزباني پاڪستان لاءِ اعزاز آهي، هن پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام طرفان ايس سي او جي ميمبر ??لڪن لاءِ نيڪ خواهشن جو پڻ اظهار ڪيو. هن چيو ته اجلاس جو مقصد ايس سي او جي ميمبر ??لڪن وچ ۾ اقتصادي سهڪار ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ آهي. وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو ته تازن س??لن دوران پاڪستان ملڪ ۾ ڪاروباري ماحول جي بهتري ۽ صنعتي ترقي کي هٿي ڏيڻ سان گڏوگڏ واپاري سهولتن جي فراهمي لاءِ اهم ??ڌارا متعارف ڪرايا آهن. هن وقت اسان پنهنجي بنيادي ڍانچي کي جديد بڻائڻ، ريگوليٽري فريم ورڪ جي بهتري ۽ واپار دوست ماحول جي فراهمي لاءِ جامع حڪمت عملي تحت قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته ايس سي او جو خطو دنيا جي تيز ترين ترقي ڪندڙ معيشت تي ٻڌل آهي جتي دنيا جي آبادي جو هڪ وڏو حصو رهندڙ آهي. اهو خطو واپار ۽ اقتصادي حصيداري لاءِ انتهائي اهم ??هي. هن چيو ته پنهنجن ملڪن جي ترقي لاءِ واپار جي اهم ڪردار کي تسليم ڪندي اسان کي قدم کڻڻا پوندا. وفاقي وزير چيو ته واپار نه رڳو معاشي ترقي جو سبب بڻجي ٿو پر اهو مختلف ملڪن، خطن ۽ عوام وچ ۾ ٻطرفي سهڪار، امن ۽ استحڪام به پيدا ڪري ٿو. هن چيو ته ڏکڻ ايشيا، وچ ايشيا ۽ وچ اوڀر جي سنگم تي واقع پاڪستان انتهائي اهم ??اگرافيائي حيثيت رکندڙ آهي جيڪو واپار ۽ سيڙپڪاري جو هڪ قدرتي مرڪز آهي. هن چيو ته اسان ايس سي او ريجن جي گڏيل ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ميمبر ??لڪن س??ن گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. شنگهائي سهڪار تنظيم جي حوالي سان پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي واپار واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ايس سي او ميمبر ??لڪن س??ن قومي قانون ۽ پاليسين موجب واپار کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. ايس سي او جي ميمبر ??لڪن جي گڏيل واپار جي گذريل سال جي انگن اکرن جو حوالو ڏيندي هن چيو ته ايس سي او جي ميمبر ??لڪن جو گڏيل آمدني واپار انهن جي مجموعي آمدني واپار جي 19 سيڪڙو جڏهن ته روانگي واپار مجموعي روانگي واپار جي 14 سيڪڙو جي برابر رهيو آهي. اهڙي طرح ايس سي او ميمبر ??لڪن جو مجموعي واپار جي تناسب ۾ ميمبر ??لڪن جي گڏيل واپار جو ڳاڻيٽو 16 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ايس سي او جي ميمبر ??لڪن جي مستقبل جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان جو ويزن آهي ته ايس سي او ريجن جي گڏيل رابطن کي هٿي ڏني وڃي ۽ انهن ملڪن جي گڏيل واپار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ سان گڏوگڏ واپاري شعبي جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ميمبر ??لڪن وچ ۾ انهن جي قانونن ۽ پاليسي تحت جدت تي ٻڌل ڪاروباري ماحول جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي. پنهنجي خطاب جي آخر ۾ واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو ته هن وقت عالمي سطح تي مختلف اقتصادي مسئلن ۽ غير يقيني صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو آهي. ايس سي او ميمبر ??لڪن لاءِ ضروري آهي ته اهي انهن ڏکيائين جو مقابلو ڪرڻ لاءِ گڏيل يڪجهتي کي هٿي ڏين.