اسلام آباد-04 س??پٽ??بر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته هر عورت کي ڪم جي جاءِ تي تحفظ فراهم ??رڻ اسان جو فرض آهي، ڪو به معاشرو ان وقت تائين ترقي نٿو ڪري سگهي جيستائين 50 سيڪڙو عو??تن جي شموليت نه هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ عو??تن کي حراسان ??رڻ خلاف رٿابندي وزارت جي قائم ڪيل ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ۾ رٿابندي وارو سيڪريٽري ۽ وزارت جي سمورن عو??تن شرڪت ڪئي. پروفيسر احسن اقبال هر عورت کي ڪم جي جاءِ تي تحفظ فراهم ??رڻ اسان جو فرض آهي، اسان حڪومت ۾ ايندي عو??تن کي قومي ترقي ۾ شموليت وڌائڻ لاءِ جينڊر يونٽ قائم ڪيو ته جئين عورتون آفيسن ۾ تحفظ جي احساس سان ڪم ڪري سگهن ۽ رٿابندي وزارت عو??تن کي پنهنجي لاءِ ڪم ??رڻ جي محفوظ ترين جاءِ لڳي. هن چيو ته نياڻين لاءِ بهترين ڊي ڪيئر بڻايو ته جيئن ذهني سڪون سان ڪم ڪن. هن جو چوڻ هو ته ڪو به معاشرو ان وقت تائين ترقي نٿو ڪري سگهي جيستائين 50 سيڪڙو عو??تن جي شموليت نه هوندي، منهنجي پوري ڪوشش آهي ته رٿابندي وزارت کي عو??تن لاءِ رول ماڊل بڻايو وڃي. هتي ڪنهن عورت سان امتيازي سلوڪ نه هوندو. اجلاس ۾ موجود رٿابندي وزارت جي سمورين عورت آفيسرن ۽ اهلڪارن وفاقي وزير سان پنهنجي خيالن جو اظهار به ڪيو.