اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) صدر آص?? علي زرداري چيو آهي ته پاڪستاني نوجوان بي پناهه صل??حيتون رکندڙ آهن، نوجوانن کي موقعا فراهم ڪيا وڃن ته ملڪ جو نالو روشن ??ري سگهن ٿا. ايوان صدر جي ??ريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار آڪسفورڊ يونين سوسائٽي جي ??ئين چونڊيل صدر اسرار خان ڪاڪڙ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر آص?? علي زرداري اسرار خان ڪاڪڙ کي آڪسفورڊ يونين سوسائٽي جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته بلوچستان مان پاڪستاني نوجوان جو آڪسفورڊ يونين جو صدر چونڊجڻ وڏو اعزاز آهي. صدر چيو ته محترمه بينظير ڀٽو آڪسفورڊ يونين جي ??هرين ايشيائي عورت صدر هئي. آص?? علي زرداري چيو ته پاڪستاني نوجوان بي پناهه صل??حيتون رکندڙ آهن، نوجوانن کي موقعا فراهم ڪيا وڃن ته ملڪ جو نالو روشن ??ري سگهن ٿا، اسرار خان جي آڪسفورڊ يونين جي صدر چونڊجڻ سان ٻين نوجوانن جي ??ڻ حوصلا افزائي ٿيندي. صدر ان اميد جو اظهار ڪيو ته اسرار خان مستقبل ۾ پڻ پنهنجي ڪاميابين سان ملڪ جو نالو روشن ڪندا.